
گوبند خوشحالاڻي
گوبند خوشحالاڻي: گوبند خوشحالاڻيءَ جو پورو نالو گوبند ڪوٽومل خوشحالاڻي آهي. سندس جنم 25 جنوري 1940ع تي موري جي ’ابڙان‘ نالي ڳوٺ ۾ ٿيو. انگريزي ادب ۾ گريجوئيشن ڪرڻ بعد ’انشورنس انسٽيٽيوٽ آف انڊيا‘ جي فيلوشپ حاصل ڪيائين. زندگيءَ جو وڏو حصو ’نيو انڊيا انشورنس ڪمپني‘ ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ احمد آباد ۾ پنھنجو ڪاروبار شروع ڪيائين. ھن لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. نائين درجي ۾ پڙهڻ دوران 15 سالن جي عمر ۾، 1955ع ۾ سندس پھرين ڪھاڻي ’نيو سنسار سماچار‘ رسالي ۾ ڇپي.
سندس مشھور ڪتابن ۾: ’هڪ دفعو وري‘ (ناول: 2003ع)، ’پيار ۾ پاڻ ڪھڙو‘ (ناول: 2005ع)، ’هرديڳي چمچا‘ (ڪھاڻيون: 2005ع)، ’پاڻ هُرتڙيون مايون‘ (2002ع)، ’گلستان غليظ ٿي رهيو آهي‘ (ناول: 2004ع)، ’استمراري‘ (ڪھاڻيون: 2006ع)، ’ملڪ ته منھنجو‘ (ناول)، ’دل ڪر درخت جي دستور‘ (ناول: 2007ع) ۽ ’اٿي الا (ناول: 2010ع) شامل آهن. ان کانسواءِ Chachnamah Retold (چچنامو اڄ جي انداز ۾- انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايائين (جنھن جو سنڌي ترجمو: 2008ع ۾ هند ۾ ڇپيو ۽ ان جو ٻيو ڀيرو ڇاپو سنڌ ۾ 2017ع ۾ ڇپيو). گوبند 7 مئي 2014ع تي احمد آباد، انڊيا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
1940.01.25 عيسوي
گوبند خوشحالاڻيءَ جو پورو نالو گوبند ڪوٽومل خوشحالاڻي آهي. سندس جنم 25 جنوري 1940ع تي موري جي ’ابڙان‘ نالي ڳوٺ ۾ ٿيو.
2014.05.07 عيسوي
گوبند 7 مئي 2014ع تي احمد آباد، انڊيا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.