گوبند پنجابي

گوبند پنجابي

گوبند پنجابي

گوبند پنجابي: گوبند پنجابيءَ جو جنم، 10 ڊسمبر 1918ع تي شڪارپور ۾ ٿيو. سندس وڏا پھرين ديري اسماعيل خان ۽ پوءِ بلوچستان جي ڀاڳ شھر مان لڏي، اچي شڪارپور ۾ رهيا هئا، تنھنڪري کين پنجابي سڏيو ويو. سناتن ڌرم سڀا ۽ ’پريتم ڌرم سڀا‘ جي اسڪولن مان پرائمري جي تعليم مڪمل ڪئي. والد جي وفات کان پوءِ پڙهائي ڇڏي دڪان تي اچي ويٺو. ڪجهه عرصو ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ به رهيو، جتي سندن والد جون جايون ورتل هيون. ڪانگريس جي هلچل دوران سوشلزم بابت ڪتابن جي مطالعي ۽ منجهس لکڻ جو جذبو پيدا ڪيو. سندس ڪھاڻين جو پھريون ڪتاب ’سرد آهون‘ 1940ع ۾ شايع ٿيو. ساڳئي سال شڪارپور ۾ ’نئي دنيا ڪتاب گهر‘ کوليائين، جنھن ۾ ترقي پسند اديب برڪت آزاد سندس ٻانھن ٻيلي هو. ان ڪتاب گهر کي 1942ع ۾ ڪراچي کڻي آيو، اتي ’انڊيا پرنٽنگ پريس‘ خريد ڪري، ڪتاب گهر ۽ پريس وسيلي ڪيترائي ترقي پسند ادب جا ترجمو ڪيل ۽ اصلوڪا ڪتاب شايع ڪيائين، جھڙوڪ: سوويت روس، غريبي، زويا، لينن ۽ اسٽالن وغيره. ھن ترقي پسند ادب بابت مضمون ۽ ڪتاب به لکيا، جن ۾ ’مارڪسواد ڇا آهي‘، ’سوويت ديس جا عام لوڪ‘، ’جنگ يا امن‘، ’روس جي پرولتاري سوڀ‘، ’سماجواد‘، ’سنڌي ليکڪ‘ ۽ ’سجاڳيءَ جو سڏ‘ شامل آھن. 1944ع ۾ پريس ۽ ڪتاب گهر گوبند مالهي جي حوالي ڪري واپس شڪارپور ويو. ورهاڱي کان پوءِ بمبئيءَ لڏي ويو، جتي گذر سفر لاءِ زريءَ جو ڪم ڪرڻ لڳو، گڏو گڏ لکڻ به جاري رکيائين. هن لڳ ڀڳ 150 ڪھاڻيون لکيون.سندس ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو ’سورج مکي‘ (1960ع) ۽ ٽيون مجموعو ’هوءَ موٽي آئي‘ (1980ع) شايع ٿيو. هن مشھور سوويت ليکڪ دوستو وسڪيءَ جي 100 سالا ورسيءَ جي موقعي تي ماسڪو پروگريسو پبلشرز پاران هندي ترجمي ۾ ڇپيل ناول ’رجت راتين‘ جو ’چاندني راتيون‘ جي عنوان سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هي ناول، نئين دنيا پبلشرس، بمبئيءَ پاران جون 1983ع ۾ ڇپيو ۽ ان تي کيس ’سوويت لئنڊ نھرو ايوارڊ‘ مليو. ان کانسواءِ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا پڻ کيس 2001ع ۾ ايوارڊ مليو. ھن 1989ع ۾ سنڌ جو دورو ڪيو ۽ پنھنجي يادن تي مشتمل سفرنامو به لکيائين، جيڪو ماهوار ”امرتا“ ۾ قسطوار ڇپيو. 13 آگسٽ 2009ع تي، برين هيمرج سبب ممبئيءَ ۾ ديھانت ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.12.17  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي جديد ترقي پسند ڪھاڻيڪار، گوبند پنجابيءَ جو جنم، 17 ڊسمبر 1918ع تي شڪارپور ۾ ٿيو.


2009.08.13  عيسوي

گوبند پنجابي13 آگسٽ 2009ع تي، برين هيمرج سبب ممبئيءَ ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سمرسيٽ ماهم
سحر انصاري
آگرو غلام رباني
پٺاڻ نثار احمد
بھادر ٽالپر
غلام حسين ٻگهيو
خالد ٽالپر
رياضت ٻرڙو
ناز سنائي
غلام احمد بدوي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون