گوورڌن شرما گھايل

گوورڌن شرما گھايل

گوورڌن شرما گهايل

گوورڌن شرما ’گهايل‘: گوورڌن شرما ’گهايل‘، ضلعي دادوءَ جي ميھڙ شھر ۾ پھرين ڊسمبر 1937ع تي، مھاراج نامديو گوڪلداس شرما جي گهر جنم ورتو. سندس والد ڀڳت ڪنور رام ۽ ھند جي ٻين فنڪارن سان، ڀڳت وقت طبلي تي ڍولڪ، تانپوري، سارنگي، سرندي ۽ هارمونيم تي سنگت ڪندو هو. ورهاڱي کان پوءِ سندس خاندان لڏي وڃي پوني (ھندستان) ۾ رهيو. سندس تعليم ايم. اي (ھندي، پونا يونيورسٽي، 1974ع) ۽ راشٽر پاشا رتن (1957ع) آهي. ھن شاعريءَ جي شروعات 1953ع کان ڪئي. هري درياڻي ’دلگير‘ سندس ادبي استاد هو. ھن پنجاهه سالن تائين هڪ استاد طور تعليمي شعبي ۾ خدمتون انجام ڏنيون. ٻوليءَ جي ماهر طور مھاراشٽر جي مختلف اسڪولن ۽ پوني يونيورسٽيءَ ۾ بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر پڻ رهيو. فيبروري 2010ع ڌاري ورهاڱي کان پوءِ هو پھريون ڀيرو سنڌ گهمڻ آيو. اُن موقعي تي سنڌي ادبي سنگت ميھڙ پاران سندس چونڊ شاعريءَ جو مجموعو ’۽ مان سنڌ پھچي ويس‘ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’ڇيڙ سکي سرگم‘ (شاعري: 1960ع)، ’اهي مائر ڀلي مرڪن‘ (شاعري: 1964ع)،’ڪونجون ٿيون ڪڻڪن‘ (شاعري: 1967ع)، ’قلم جو سپاهي‘ (شاعري: 1973ع)، ’بڙودا جا سنڌي ڪلاڪار‘، ’ميڙي چُونڊي‘ (شاعري: 1998ع)،’ٽڪرا ٽڪرا ننڊ‘ (شاعري: 2001ع)، ’ڪي ساعتون سڄڻن سان‘ (انٽرويو: 2001ع)، ’پيھي منجهه پاتار‘ (مقالا: 2010ع)، ’هوند راج دکايل‘ (شخصيت ۽ شاعري: 2010ع)، ’سڳداسي چانور‘ (مقالا)، ’بيوس هڪ اڀياس‘، ’بيوس درشن‘ ۽ ’اکيون ٻوٽجڻ کان اول‘ (2021ع) شامل آھن. اُن کان سواءِ هو مختلف ادارن جو ميمبر ۽ عھديدار پڻ رهيو آهي. ريڊيو آڪاشواڻي ۽ دور درشن (T.V) سان به ڪيترو ئي عرصو جڙيل رهيو آهي. ادبي ڪمن جي مڃتا طور کيس مختلف ادارن پاران ايوارڊ ۽ انعام پڻ مليل آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.12.01  عيسوي

گوورڌن شرما ’گهايل‘، ضلعي دادوءَ جي ميھڙ شھر ۾ پھرين ڊسمبر 1937ع تي، مھاراج نامديو گوڪلداس شرما جي گهر جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سروپچندر شاد
ڀاون علي شاھہ
امام علي فقير
امداد علي سھتو
ڀاونداس ڀاون
شيخ فرازي
تنوير شاھہ محمد زئي
ڀائي ڌرمداس
اسرار احمد علوي پروفيسر
علي نواز ڏاهري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون