بدر ابڙو

بدر ابڙو

بدر ابڙو الطاف شيخ سان گڏ

بدر ابڙو الطاف شيخ سان گڏ

بدر ابڙو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ۾

بدر ابڙو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ۾

بدر ابڙي جو ڪتاب - سنڌ جي جهنگلي جيوت

بدر ابڙي جو ڪتاب - سنڌ جي جهنگلي جيوت

بدر ابڙي جو ڪتاب - ماڻهو

بدر ابڙي جو ڪتاب - ماڻهو

بدر ابڙو

بدر ابڙو: برک ڪھاڻيڪار جمال ابڙي جي فرزند ۽ علامہ علي خان ابڙي جي پوٽي نامياري ليکڪ، صحافي، لغت نويس ۽ محقق بدر ابڙي جي پئدائش 19 ڊسمبر 1953 تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي. ڪراچيءَ مان بي ڪام جي ڊگري حاصل ڪئي. ادبي گهراڻي سان تعلق سبب 1973ع کان مختصر ڪھاڻيون لکڻ جي شروعات ڪيائين. 1980ع ۾ ضياءَالحق جي مارشل لا واري عرصي ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ خلاف ڪارروائي ٿي تہ بدر ابڙو پنھنجي دوستن پروفيسر جمال نقوي، ڪامريڊ امر لال، سھيل سانگيءَ، شبير شر ۽ ڪمال وارثيءَ سميت گرفتار ڪيو ويو. خاص فوجي عدالت ۾ ڪيس هليو، جيڪو ”ڄام ساقي ڪيس“ جي نالي سان مشھور ٿيو. ان ڪيس ۾ ملڪ جا اهم ترين سياستدان محترمہ بينظير ڀٽو، خان ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، مولانا شاھہ محمد امروٽي ۽ ٻيا کوڙ بچاءَ جي شاهدن طور پيش ٿيا.بدر ابڙو'> بدر ابڙو چئن سالن تائين جيل ۾ رهيو. کيس ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران ’ضمير جو قيدي‘ قرار ڏنو ويو. ان بعد هن صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. 1985ع کان هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، 1990ع ۾ روزاني ”پڪار“ سکر جو ايڊيٽر ٿيو. بعد ۾ ”پڪار“ ڪراچيءَ مان ڇپجڻ لڳي تہ اتي بہ پاڻ ايڊيٽر هو. 1993ع ۾ هن ادبي، سياسي ۽ سماجي مخزن ”روح رهاڻجاري ڪئي، جنھن جا نوَ (9) پرچا اچي سگهيا. 1997ع ۾ پاڻ ”برسات“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. هن وقت تائين بدر ابڙي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ”تنقيد نگاري“ (1985ع)، ”رني ڪوٽ“ (1989)، ”هنگلاج ۽ لاهوت“ (تحقيق: 1992ع ۾)، ”رياست جهنگل جي آکاڻي“ (ڪھاڻيون: 1992)، ”جيل جي ڊائري“ (1990)، ”سنڌوءَ جو سفر“ (1994)، ڀڳوانن جي ڀونءِ (نيپال جو سفر نامو) 1996، ”رني ڪوٽ“ (اردوءَ ۾: 1997ع)، ”ماڻهو“ (1998)، ”سنڌ جو شاھہ“ (2000ع)، ”سنڌ جي جهنگلي جيوت“ (2009ع)، ”منڇر گورک گاج دنيا“ (2009ع)، ”ڪوهستان جو سفر“ (2009ع)، ”کير ٿر جو سفر“ (2010ع)، ”اوڪسفرڊ انگلش سنڌي ڊڪشنري“ (2010ع)، ”علامہ علي خان ابڙو“، (علمي خدمتون: 2010ع)، ”کير ٿر ۾ چٽسالي“ (ٻڌيه جو سفر: 2011ع)، ” پيھي منجهہ پاڻ“ (2012ع)، ”جڏهن سنڌ ۾ باھہ ٻري (2014ع)،”سنڌ ۾ جين مت“، ”قافلو هلندو رهيو“ (خاڪا: 2014ع)، ”جيل ڊائري“ (2014ع)، ”خواب ۽ خيال“ (2015ع)، (2019ع) Ranikot Wall of Sindh ۽ ”جوڳي ٿي جياس“ (ساروڻيون: 2024ع شامل آهن. ان کان علاوہ سندس تحقيقي سفرناما بہ ڇپائيءَ هيٺ آهن، جن ۾ ”کير ٿر جو سفر“ جا پنج جلد، ”سنڌ ۾ پٿرن تي قديم نقاشي“،”ڪُتي جي قبر ڏانھن“ ۽ ”سيوهڻ جي تاريخ“ شامل آهن. ان کانسواءِ پاڻ 2008ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سيل جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر رهيو ۽ سنڌيانا جو پھريون جلد سندس نگرانيءَ هيٺ تيار ٿيو. جڏهن تہ سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ”خواب ۽ خيال“ (شاعري) ۽ صوفياڻي فلسفي تي ٻڌل تحريرن جو مجموعو ”پيھي جان پاڻ ۾“ شامل آهن. بدر ابڙي مختلف اخبارن ۾ ڪيترائي سلسليوار ڪالم، ايڊيٽوريل ۽ مضمون بہ لکيا، جن ۾ ”هيءَ سين“ جي سري هيٺ هلال پاڪستان ۾ ”زندگي جدوجهد، اڻٿڪ سفر“ (هلال پاڪستان). ”سنڌ باد“ (هلال پاڪستان) ”وتايو فقير سوچي ٿو“، (برسات)، ”آئينو“. (سنڌ، ڪاوش ۽ خبرون اخبارن ۾) شامل آهن. ان کان علاوہ هن هڪ درجن کن فرضي نالن سان پڻ ڪالم لکيا، جن ۾ ڪڏهن ”شھباز لطيف“ ڪڏهن ”مترش“، ”احسان “، ”بشير عباسي“، ”آديسي“، ”تمر لاهوتي“ ۽ ’سنڌ باد‘ جھڙا نالا استعمال ڪيا. کيس مڃتا طور APNS اوارڊ 1987ع ۾ مليو. آرٽس ڪائونسل مان مجسمي سازيءَ جو ڪورس ڪرڻ تي، سڄي ڪراچيءَ ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي. 1986ع ۾ بدر ابڙي شاھہ لطيف جو خيالي مجسمو پڻ ٺاهيو. سندس زندگيءَ جو هڪ اهم پھلو مھم جوئي پڻ آهي. هن 1989ع ۾ ڪابل نديءَ کان ڪراچيءَ تائين ٻيڙين ذريعي سنڌوءَ جو سفر ڪيو ۽ لڳ ڀڳ سڄو کيرٿر ڏسڻ کان پوءِ ڪتاب لکيو. بدر ابڙي ويجهي ماضيءَ کان آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ ۾ پڻ فرض نڀايا آهن، جتي پروجيڪٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان انگلش- سنڌي ڊڪشنرين جي تياريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو اٿس.بدر ابڙو'> بدر ابڙو تحقيق ۽ آرڪيالاجيءَ سان دلچسپيءَ سببِ مختلف ماڳن جا سفر ڪندو رهي ٿو. هن وقت سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.12.19  عيسوي

برک ڪهاڻيڪار جمال ابڙي جي فرزند ۽ علامه علي خان ابڙي جي پوٽي نامياري ليکڪ ، صحافي ، لغت نويس ۽ محقق بدر ابڙي جي پئدائش 19 ڊسمبر 1953 تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عثمان عباسي مخدوم
سيٺ ٺاڪرداس گولومل
چانڊيو شادي خان ۽ سندس مقبرو
سليم سھتو پروفيسر
ريڊنگ لارڊ
پريم موٽواڻي
جوکيو منظور
قمرالدين چانڊيو
ديوان محمد اقبال
مظفر علي شجراع حاجي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون