سيد مير لطف ﷲ سيوستاني : سيد مير لطف الله، شاھہ صدرالدين لڪياريءَ جي اولاد مان هڪ نامور بزرگ ٿي گذريو آهي، هو پنھنجي علم ۽ قابليت جي ڪري ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ پهرين سنڌ پاران دهليءَ جي درٻار ۾ سفير ٿي رهيو ۽ پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ اعلى مقام ماڻيائين. بخت ۽ دولت واري زماني ۾ ساداتن ۽ علمائن جي خدمت ۽ ڪمن ڪارين کي نهايت خوش اسلوبيءَ سان سر انجام ڏيندو هو. عام ۽ خاص سان سندس سھڻو سلوڪ رهيو، جنهنڪري سنڌ ۽ هند ۾ وڏو نالو ڇڏيائين. آخري وقت ۾ سيوهڻ جو قاضي مقرر ٿيو، ٺٽي جي مشھور شاعر محمد پناھہ ’رجا‘ ٺٽوي گهڻي ڄمار سندس نوڪريءَ ۾ رهي انعام ۽ اڪرام حاصل ڪيا ۽ ڏاڍي آبروءَ سان گذاريائين. سيد مير لطف ﷲ سيوهاڻيءَ سن 1160ھہ ۾ وفات ڪئي. سندس تربت سيوهڻ ۾ آهي، قبرستان جي زبون حالت سبب پورو پتو نہ ٿو پوي تہ سندس قبر ڪٿي ۽ ڪهڙي آهي.