
ٿهيم، شاهد سلام
شاهد سلام ٿھيم : سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر شاهد سلام، نامور سياستدان ۽ اڳوڻي صوبائي وزير عبدالسلام ٿھيم جو فرزند آهي. هن 12 جنوري 1972ع تي ڳوٺ طيب ٿهيم، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ۽ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ مان بي. اي (سول) جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن. والد جي نقش قدم تي هلندي هن سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتو. شاهد سلام 2001ع کان 2008ع تائين مسلسل ٻہ ڀيرا سانگهڙ جو يو. سي ناظم بہ رهي چڪو آهي. والد جي وفات کانپوءِ شاهد سلام پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي 2013ع واري چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ پي. ايس 83 سانگهڙ IV واري تڪ تان چونڊجي ايم. پي. اي ٿيو. سياست کان علاوہ شاهد سلام زمينداري ڪِرت سان پڻ وابستہ آهي.