سرشاري، قاضي عبدالحئي قائل

سرشاري، قاضي عبدالحئي قائل

قاضي عبدالحئي قائل سرشاري

قاضي عبدالحئي قائل، سرشاري: نامياري شاعر، استاد، مصور ۽ سماج سڌارڪ قاضي عبدالحئي قائل سرشاري ولد قاضي عبدالحق ’عبد‘، 17 ڊسمبر 1917ع تي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. سندس اصل ڳوٺ رتوديرو، ضلعو لاڙڪاڻو هو، پر سندس والد ملازمت سانگي عارضي طور تي ٺل ۾ رهائش پذير هو. قاضي عبدالحئي قائل پنھنجي ڳوٺ رتيديري جي پرائمري اسڪول مان ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد مدرسہ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي، جتان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، 1933ع ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان ڏنائين. انهيءَ دور ۾ هي تر جو پهريون سنڌي مسلمان هو، جنهن ورنيڪيولر تائين تعليم حاصل ڪئي هئي.
قاضي عبدالحئي قائل 1935ع ۾داروغي جي حيثيت سان پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي، 1940ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، جنهن دوران هن تعليم بہ جاري رکي ۽ ايليمنٽري ۽ انٽر گريڊ ڊرائنگ جا امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري، ڊسمبر 1946ع ۾ سيڪنڊري اسڪول رتيديري ۾ ڊرائنگ استاد مقرر ٿيو. قاضي عبدالحئي ڊرائنگ جي استاد هئڻ سان گڏ ٻيا مضمون بہ مهارت سان پڙهائيندو هو، 1958ع ۾ کيس ڊرائنگ ٽيچرس ٽريننگ لاءِ سانگهڙ موڪليو ويو، جنهن بعد 1965ع ڌاري کيس ترقي ڏئي ’ماسٽر آف ڊرائنگ‘ جي سند سان نوازيو ويو. اهڙيءَ ريت هن محنت، قابليت ۽ سچائيءَ سان پنھنجي ملازمت جو مقرر عرصو پورو ڪري 1975ع ۾ رٽائر ڪيو. قاضي عبدالحئي قائل پنھنجي دور جو هڪ مڃيل ۽ شفيق استاد ٿي رهيو، سندس شاگردن ۾ نيب جو اڳوڻو چيئرمئن (رٽائرڊ) جسٽس ديدار حسين شاھہ، ثقافت کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري عبدالقادر منگي، شھيد خان قريشي'>بشير خان قريشي، عبدالقادر ابڙو، نادر حسين مرکياڻي ۽ ٻيا شامل آهن.
قاضي عبدالحئي قائل سرشاريءَ تعليم سان گڏوگڏ ادب، شاعري، صحافت، سماجي ڀلائيءَ جي ميدان ۾ پڻ پاڻ ملهايو، هو شاعريءَ ۾ ’قائل‘ تخلص استعمال ڪندو هو، سندس شاعريءَ ۾ استاد بخش سرشار عقيلي هو ۽ پنھنجي استاد جي نالي جي نسبت سان هو پاڻ کي ’سرشاري‘ سڏرائيندو هو. هن رتيديري شھر ۾ ’لطيف ادبي سنگت‘ جو بنياد وڌو، جنهن جي پليٽ فارم تان ادبي پروگرام توڙي هفتيوار ادبي ڪلاس ۽ عروض جي مختلف صنفن تي سنڌي ٻوليءَ جي ناميارن اديبن کان ليڪچر جا پروگرام منعقد ٿيندا رهندا هئا. قاضي عبدالحئي قائل ادبي سرگرمين ۾ اشاعتي حوالي سان رتيديري ۾ ’سنڌڙي ڪتابي سلسلي‘ جو بنياد وڌو، جنهن اداري طرفان سنڌيءَ ٻوليءَ جا ناياب ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا، جن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي مقالن جو مجموعو ’وکريل موتي‘ نامياري شاعر استاد بخاريءَ جو ڪتاب ’لھر لھر دريا‘، مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌيءَ جو پهريون ڪتاب ’امن آب حيات‘، مقصود گل جي شاعريءَ جو مجموعو ’رت ڀنا رابيل‘ ۽ عبدالغفار تبسم جو ڪتاب ’مٽيءَ جا سر‘ قابلِ ذڪر آهن. قاضي قائل سرشاري سماجي حوالي سان عشر زڪوات ڪميٽي رتيديري جو ميمبر بہ هو، کيس ڪميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، هن پنھنجي گهر جي اوطاق عشر زڪوات ڪاميٽيءَ جي آفيس لاءِ ڏئي ڇڏي، جڏهن تہ پنھنجي گهر جو ڪجهه پلاٽ مسجد لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، جتي هن وقت بہ سندس نالي پٺيان ’قاضي مسجد‘ قائم ٿيل آهي. سندس چيئرمئن شپ واري دور ۾ سندس ايمانداري، قابليت ۽ غريب پروريءَ جو قدر ڪندي عشر زڪوات جي وزارت کيس حڪومت جي خرچ تي حج ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر اهو چئي انڪار ڪيائين تہ: ”آءُ صاحبِ زڪوات آهيان، حڪومت جي پاران غريبن واري فنڊ جي پئسي مان حج ڪرڻ منهنجي لاءِ مناسب ناهي.“ جنهن کانپوءِ پنھنجي ذاتي خرچ تي جون 1989ع ۾ حج ڪرڻ ويو، جتي سخت گرميءَ ۾ حج جا ارڪان ادا ڪندي کيس ناچاڪائيءَ جو منهن ڏسڻو پيو ۽ ڪجهه وقت علالت بعد 23 جولاءِ 1989ع ۾ مڪي شريف ۾ وفات ڪيائين، سندس آخري آرامگاھہ جنت المعلى، مڪي پاڪ (سعودي عرب) ۾ آهي. کيس چئن پٽن جو اولاد آهي، جن ۾ قاضي خضر حيات، مقصود گل، قاضي اختر حيات ۽ قاضي منظر حيات آهن، جيڪي سنڌي ادب ۽ آرٽ جي مختلف صنفن ۾ پاڻ مڃائي چڪا آهن. قاضي عبدالحئي ’قائل‘ جي زندگي ۽ شخصيت تي سندس فرزند ۽ اديب قاضي منظر حيات ايم. اي سنڌيءَ جي آخري سال ۾ ’هڪ شخصيت، هڪ ادارو‘ جي نالي سان مونوگراف لکيو، جيڪو بعد ۾ ’هڪڙو پيارو ماڻهو‘ عنوان سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. قاضي عبدالحئي قائل سرشاريءَ جي نالي پٺيان رتيديري ۾ ’عبدالحئي قاضي ماڊل اسڪول‘ ۽ ڪراچيءَ ۾ ’قاضي عبدالحئي لٽرري اڪيڊمي‘ پڻ قائم ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.12.17  عيسوي

قاضي عبدالحئي قائل سرشاري ولد قاضي عبدالحق ’عبد‘، 17 ڊسمبر 1917ع تي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.


1989.07.23  عيسوي

قاضي عبدالحئي قائل 23 جولاءِ 1989ع ۾ مڪي شريف ۾ وفات ڪيائين، سندس آخري آرامگاهه جنت المعلى، مڪي پاڪ (سعودي عرب) ۾ آهي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام بخش سومرو حافظ
عبدالله مرزا
شڪرالله شيرازي ٺٽوي
قسمت راءِ ڇڳاڻي
رحمت ﷲ مخدوم صدر ٺٽوي
خواجہ عبدالرحمان مجددي سرهندي
شھروز سبزواري
ڏيٿو شمشاد اختر ڊاڪٽر
قادو مڪراني
اسرار لغاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون