اعواڻ محمد حسين ’ڪروڙ پتي‘
اعواڻ محمد حسين ’ڪروڙ پتي‘: محمد حسين ولد غلام حسين اعواڻ، سنڌي ادب جي دنيا ۾، ’ڪروڙ پتي‘ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هو 24 ڊسمبر 1923ع تي ٽنڊي آدم، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. هلڪي هاٺي ڪاٺيءَ وارو، قدآور، رنگ جو سانورو، خوش طبغ، خوش خلق ۽ خوش مزاج شخصيت جو مالڪ هو. پرائمري تعليم مختلف شهرن: ٽنڊي آدم، نوابشاهه، شهدادپور، دادو ۽ سکر ۾، ثانوي تعليم ميرپورخاص، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جي هاءِ اسڪولن مان ورتائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪليڪٽر (ڊپٽي ڪمشنر) نوابشاهه جي آفيس ۾ دفتري ڪلارڪ جي حيثيت سان ڀرتي ٿي سرڪاري ملازمت جو آغاز ڪيائين. محنت ۽ هوشياريءَ سبب ترقي ڪندي کاڌ خوراڪ واري کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. ڪروڙ پتي، ڪچهريءَ جو مور، يارن جو يار، زندهه دل انسان ٿي گذريو آهي. رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ هوميو ڪلينڪ کولي ڪاميابيءَ سان زندگي گذاريائين. هو هوميو پيٿڪ جو ماهر معالج هو، وٽس هوميو پيٿيءَ جي ڪتابن جو وڏو تعداد موجود هوندو هو. ڪروڙ پتي، جڏهن ڪوٽڙي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ انگريزي چوٿون درجو پڙهندو هو، تڏهن کان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيائين. هن پنهنجي هڪ قابل اُستاد نور محمد کان متاثر ٿي ادب جي ميدان ۾ پير پاتو ۽ پنهنجي قلم وسيلي ادب، خاص ڪري مزاحيه ادب جو ميدان ماري بيٺو. هن پهرين ’خواب‘، پوءِ ’بيدار مغز‘ ۽ آخر ۾ ’ڪروڙ پتيءَ‘ جي تخلص سان لکڻ شروع ڪيو. ڪروڙ پتي پنهنجي مشهور مزاحيه افساني ’بيوڪ ۽ مرڪيوري‘ جي آغاز ۾ پنهنجو تعارف هن ريت ڪرايو آهي: ”نالو اوهان کان ڳجهو نه آهي، پيءُ جو نالو غلام حسين، ذات اعواڻ، تخلص ’خواب‘، مگر ننڊ ڪجهه گهٽ اچڻ لڳي، تنهنڪري ’بيدار مغز‘ جو تخلص به ڀانءِ نه پيو ۽ ويسر جو مرض وڌي ويو. هاڻي ’ڪروڙ پتي‘ (تخلص)، ڏسجي ته ’ڪروڙ پتي‘ به ڪيترا ڏينهن ٿو هلي. جنم جي تاريخ 24 ڊسمبر 1923ع، ڏينهن جمعي جو، مهينو رمضان سڳورو ۽ وقت فجر جي نماز جو يعني ان حساب سان جيڪڏهن وقت جي نزاڪت کي نظر ۾ رکندي ’سيد‘ سڏايان ته ڪي قدر حق بجانب ٿيندس.“ (1)... صدين بعد ڪو قدردان، عاليشان، بلند مڪان ۾ ويهي، مون تي هن طرح مهرباني ڪري ته ’ڪروڙ پتي‘ چوڏهين صدي هجريءَ جو هڪ انڌو اديب! جيڪي سمجهه ۾ ايندو هوس، رهڙي رکندو هو، کيس نه گرامر جو خيال هو نه وري ادب جو خيال هو، نه وري ادب جي اصولن جي ڄاڻ. ٽنڊي آدم سنڌ جو ويٺل هو، محمد حسين نالو هئس، هڪڙو هو، تنهنڪري سڃائيءَ تي ’ڪروڙ پتي‘ جو پوش چاڙهي ڇڏيو هئائين. (حوالو: ماهوار سارنگ حيدرآباد عورت نمبر، ص 49 ۽ ماهوار نئين زندگي، ڪراچي مارچ 1962ع، ص 64). 1947ع کان اڳ ۽ پوءِ واري دور ۾ ’ڪروڙ پتي‘ جو نالو سنڌي ادب جي آسمان تي هڪ مزاح نگار جي حيثيت ۾ اڀريو. سندس مزاحيه تحريرون، اصلاحي ۽ خالص مزاح ۾ سنواريل آهن. هن ماحول مان کنيل ڪردارن کي مزاحيه انداز ۾ پيش ڪيو. سندس نالو مزاحيه ادب ۾ سرفهرست رهندو. سندس ادبي ڪاوشون 1950ع- 1960ع وارن ڏهاڪن ۾ عروج تي پهتل هيون. ان دور جي اهم رسالن ’نئين زندگي‘، ’سارنگ‘ (حيدرآباد)، ’فردوس‘ (هالا)، ’رهنما‘ (نوابشاهه)، ’فلمستان‘ (ڪراچي) ۽ ’اسان جي منزل‘ (دادو) ۾ شايع ٿينديون هيون. ڪروڙ پتيءَ جي مضمونن، ڊرامن ۽ افسانن ۾ مزاح جا جاندار نمونا ملن ٿا، جهڙوڪ: ’چاچو‘، ’ڀائٽيو‘، ’ماسي ۽ مجيد‘، ’خاوند ڏنو خاوند‘، ’اُلو ۽ اڄ جو عاشق‘، ’عورت ۽ لونگ فقير جي ٻڪري‘، ’بيوڪ ۽ مرڪيوري‘،’ڪروڙ پتي ۽ ڪامني ڪوشل‘، ’قسمت‘ (ڊرامو)، ’ڪنوارو ڪلارڪ‘(ڊرامو)، ’نبض شناس‘ (افسانو) ۽ ’ٻيلي ڪا خوشبوء ڏي ته ٽاٽائي وٺان‘. ڪروڙ پتيءَ جي افسانن جا ٻه مجموعا ڇپيل آهن: (1) ماسي ۽ مجيد 1987ع ۽ (2) نبض شناس هي مجموعا 1987ع ۾’ڏنڊو ڪونڊي‘ پبليڪيشن پاران شايع ٿيا.
1923.12.24 عيسوي
حمد حسين ولد غلام حسين اعواڻ، سنڌي ادب جي دنيا ۾، ’ڪروڙ پتي‘ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هو 24 ڊسمبر 1923ع تي ٽنڊي آدم، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو.