ميرعبدالرزاق بکري

ميرعبدالرزاق بکري : مير عبدالرزاق ولد مير ابوالبقا امير خان هڪ وڏو عالم هو. لغت جي علم ۾ وڏي مهارت رکندو هو. هن کي ڪيترين ئي ٻولين تي عبور حاصل هو. هي پنھنجي قابليت ۽ پڙڏاڏي جي مقبوليت جي ڪري شاھجھان بادشاھہ جي درٻار ۾ پهتو ۽ وڏي عهدي تي مقرر ٿيو. هن جي ڀيڻ جي شاھجھان جي پٽ مراد بخش سان شادي ٿي. شھزادي جي پهرين گهر واري مرزا سيد رستم صفويءَ جي ڌيءَ هئي، جنهن مان کيس ڪو بہ اولاد نہ ٿيو، ان ڪري هي شادي ٿي. ڪنوار کي بادشاھہ طرفان هڪ لک رپين جا هيرا ڏنا ويا هئا. مير عبدالرزاق بکري بھترين شاعر بہ هو، هن جو ننڍو ڀاءُ مير ابوالمڪارم بہ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. هن 1062ھہ/1652ع ۾ وفات ڪئي. هن جو مقبرو بکر جي ڏکڻ ۾ جابلو سلسلي تي پنھنجي والد مير ابوالبقا امير خان جي مزار جي ڀرسان آهي. مقبري تي ڪافي تعداد ۾ فارسي شعر لکيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو