ميرغلام ﷲ خان ٽالپر شاهواڻي

ميرغلام خان ٽالپر شاهواڻي: سنڌ جو ناميارو شاعر مير غلام خان شاهواڻي ولد سردار بھادر مير حاجي حسين بخش خان ٽالپر سيپٽمبر 1908ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم قرآن شريف ۽ سنڌي پنهجي ڳوٺ مان ۽ انگريزي جي تعليم حيدرآباد ۽ عليڳڙھہ مان حاصل ڪيائين. هو سنڌي، انگريزي ۽ فارسي ٻوليءَ جو ماهر ۽ هڪ سياسي، سماجي ڪارڪن ۽ هڪ سٺو شاعر هو. سندس شاعري ۽ ڪافيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. هو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. ٽنڊي محمد خان ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ ۽ ان کان پوءِ بچاءُ ڪميٽيءَ جو چيئرمين ۽ اخبار جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس ڪتاب ۾ شاعريءَ جو ”بياض عاشق جون آهون“ (1943ع) ۽ ”فري ورس“ (1981ع) ڇپيل ۽ ” دل جو چراغ“ اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. هو 10 ڊسمبر 1944ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1908.09.00  عيسوي

ميرغلام الله خان شاهواڻي سيپٽمبر 1908ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو


1944.12.10  عيسوي

ميرغلام الله خان شاهواڻي 10 ڊسمبر 1944ع تي وفات ڪري ويو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليفو محمود نظاماڻي
امان ﷲ مفلح
عبيدالله عليم
علي بخش ڪمتر
شھباز علي ملازم سروري
صوفي صادق فقير
پريتم هنڱوراڻي
غلام حسين مير چانڊيو
حمل فقير 1
ٺٽوي امام بخش شاھہ فدوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون