مير حاجن مير

مير حاجن مير: هن جو اصل نالو حاجي خان ولد محمد سليمان، ادبي نالو مير حاجن مير آهي. ڳوٺ محمد يعقوب پنھور لڳ لڪي شاھہ صدر ۾ 3 ڊسمبر 1979ع تي ڄائو. سندس تعليم ايم. فل آهي. پاڻ شاعر، تاريخدان، محقق، نقاد، پبلشر ۽ ايڊيٽر آهي. شاعري جي شروعات 1995ع کان ڪيائين. هي پيشي جي لحاظ کان ليڪچرار آهي. مير حاجن پنھور، سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ جـو 5 ڀيرا سيـڪريـٽـري، سـنـڌي ادبـي سـنـگـت ضـلـعـي ڄـامـشــوري جــو رابطـا سيڪريٽـري، سلسـليـوار ’سيوهڻ سماچار‘، سلسليوار ’صبح‘ ۽ ماهوار ’مڃتا‘ مئگزين جو ايڊيٽر رهي چڪو آهي. هڪ سال لاءِ قلندر لعل شھباز رح ادبي ڪانفرنس جو ڊپٽي ڪنوينر بہ رهي چڪو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’رنگ، خوشبوءِ ۽ گُلَ‘ (شاعري، 2008ع)، ’نيرا خواب‘ (شاعري، 2012ع)، ’سيوهڻ جون ادبي شخصيتون‘ (تحقيق، 2014ع)، ’سڄڻن ياد ڪيوم‘ (خط، 2016ع)، ’موتي ميڙيا مون‘ (تحقيق، 2018ع)، ’سيوهڻ شھر جون تاريخي درگاهون‘ (تحقيق، 2019ع)، ’ڊاڪٽر عابد مظھر‘ (سوانح، 2022ع)، ’پروانو سيوهاڻي‘ (سوانح، 2023ع)، ’سرها ڏٺم سي‘ (يوسف سنڌي جي سوانح، 2023ع)، ’سيوهڻ تي ٿيل ڪاهون، حملا ۽ حڪومتون‘ (تحقيق، 2023ع)، ’محمود مغل‘ (سوانح، 2023ع) ۽ ’توڙي جتن جڳ پوءِ منھنجو پيچ پنھون سان‘ (پروفيسر اعجاز قريشي جي سوانح، 2025ع) شامل آهن. سندس ادبي خدمتن عيوض کيس شھباز ايوارڊ (2015ع)، سگا ايوارڊ ۽ ڪجهہ ٻيا بہ ايوارڊ ملي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو