ڪلياڻ آڏواڻي

ڪلياڻ آڏواڻي

ڪلياڻ آڏواڻي

ڪلياڻ آڏواڻي: مشھور عالم، شاھہ لطيف جو پارکو ۽ اديب ڪلياڻ آڏواڻي 10 ڊسمبر 1911ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو، ورھاڱي کان پوءِ ڀارت ھليو ويو ۽ بمبئي م وڃي رھيو. ھن جي تحقيق جو مُک موضوع شاھہ لطيف رهيو. گڏوگڏ سچل ۽ سامي بہ رھيا. 1946ع ۾ سنسڪرت جي مشھور ڊرامه نويس ’ڪاليداس‘ جي جڳ مشھور ڊرامي ’شڪنتلا‘ جو سنڌي ترجمو ڪيائين. جنھن تي کيس سنڌ سرڪار طرفان انعام مليو. ورھاڱي کان پوءِ سندس ٽي مشھور ڪتاب ڇپيا. جن ۾ ’شاھہ‘ (1951ع)، ’سامي‘ (1953ع) ۽ ’سچل‘ (1954ع) شامل آھن. ھنن ڪتابن ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي شعرن جو ڳوڙھو اڀياس ٿيل آھي. 1958ع ۾ شاھ جو رسالو مرتب ڪيائين، جنھن ۾ ھر بيت جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي ان بيت جي سامهون ڏنائين، جنھنڪري ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو. ھن رسالي تي سنڌي ساھت منڊل بمبئيءَ طرفان 1958ع ۾ گولڊ ميڊل مليس، ان کان پوءِ هن شاھہ جو رسالو مڪمل صورت ۾ مرتب ڪري 1966ع ۾ ڇپايو. ان رسالي تي کيس 1967ع ۾ سنڌي سميلن بئنگلور طرفان گولڊ ميدل ڏنو ويو. سچل جي ڪلام جي سلسلي ۾ ڪتاب ’سچل‘ کان سواءِ سندس ٻيو ڪتاب ’سچل جو چونڊ ڪلام‘ بہ آهي، جيڪو ساھتيه اڪادمي نئين دھلي 1979ع ۾ ڇپيو. کيس ڪيترا ئي انعام ۽ ايوارڊ بہ مليا. ڪيترن ئي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تعليمي ادارن جو اعزازي ميمبر ٿي رھيو، جن ۾ ساھتيه اڪادمي دھليءَ جو سنڌي صلاحڪار بورڊ، ڀارتي گيان پيٺ جو سنڌي صلاحڪار بورڊ ۽ بمبئي ۽ پونا يونيورسٽين جي سنڌي شعبي جو بورڊ آف اسٽڊيز شامل آھن. مٿين ڪتابن کان سواءِ سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’راز و نياز‘ (شاعري: 1960ع)، ’روحاني مشاهدا‘ (1979ع)، ’حضرت دستگير بادشاھہ‘ (فارسي ديوان جو سنڌي ترجمو 1913ع) ۽ ٻيا شامل آهن. تنقيدي نوعيت وارا مضمون بہ تحرير ڪيائين، جن ۾ ’ميگهدوت‘ (نانڪ رام ميرچنداڻي 1947ع)، ’ساميءَ جا سلوڪ‘ (سامي/1947ع) ۽ ’سڪ جي سوغات‘ (رام پنجواڻي /1959ع) شامل آھن. تشريحي تنقيد ۾ ’شاھہ جي رسالي جون تشبيھون‘ (سنڌو/ فبيروري 1944ع)، ’سامي جي سلوڪن جون تشبيھون‘ (سنڌو/ مئي 1944ع ۽ ’شاھہ جو عاشقانه ڪلام‘ (سنڌو/ سيپٽمبر 1946ع) مضمون شامل آهن. جڏھن تہ سوانحي تنقيد ۾ سندس مضمون ’سھڻو انسان عزيز‘ (نئين دنيا/سيپٽمبر 1971ع) شامل آھي. ڪلياڻ آڏواڻيءَ اڳتي هلي سنڌيءَ ۾ لکيل ٽن ڪتابن: ’شاھہ‘، ’سامي‘ ۽ ’سچل‘ کي ڪتابي صورت ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايو. ڪلياڻ آڏواڻي 17 مارچ 1994ع ۾ ديھانت ڪري ويو. شاھہ لطيف لاءِ سندس خدمتن عيوض سنڌ جي تعليم کاتي وحدت ڪالوني حيدرآباد جو پرائمري اسڪول سندن نالي منسوب ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1911.12.10  عيسوي

ڪلياڻ آڏواڻي مشهور عالم ۽ اديب 10 ڊسمبر 1911ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو.


1994.03.17  عيسوي

ڪلياڻ آڏواڻي 17 مارچ 1994ع ۾ ديهانت ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جسو ۽ جسراج
سيد منچر شاھہ
عمراڻي فضل محمد پروفيسر
جوکيو منظور
ڪامل خان جمالي
پنڊت نکيل بينرجي
عرفانه ملاح
اختر حميد خان
سليم سھتو پروفيسر
ٽلو مل ڌيرواڻي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون