تانگهه

تانگهه

تانگهه

تانگهه / / Psammophis condanarus Indochinese Sand Snake (بلا ):هن کي سرنگهه چوندا آهن. ساموفِس ڪونڊانيرس ڏسڻ ۾ Psammophis leithii جهڙي آهي پر ان جي رنگ روپ ۾ ڪجهه فرق آهي. هيءَ بلا 0.80 ميٽر کان 0.97 ميٽر ٿئي ٿي، پڇ 150 کان 200 ملي ميٽر هوندو اٿس. جسم تي هيڊا ناسي ۽ سونهري ناسي پور وڇوٽ پٽا هوندا اٿس. هڪ ڳاڙهسري ڀوري پٽي پهرين ٻي ۽ ٽين ڇلري قطار تي ٿئيس ٿي جيڪا ٻنهي پاسي اک تان ٿيندي وات تائين اچي ٿي.هي بلا عام طور پاڻيءَ جي ڀرپاسي ۾ اوچي گاهه ۾ ٿيندي آهي، پنهنجي جنس جي ۽ ٻين بلائن وانگر ڪِرڙيون کائيندي آهي. نيپال کان بنگال، هند، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٿئي ٿي.


لفظ تانگههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو