ٽُٽاهه

ٽُٽاهه: ضلعي نوشهري فيروز جي تعلقي ڀريا ۾ لاکا روڊ جي اوڀر ۾ ، هڪ ديهه جو نالو . ڪلهوڙن جي دور ۾ هِتي دنگ نروار ڪيو ويو هو ، جنهن جي اوڀر ۾ ڀِٽون هيون . انهن ڀٽن کي جدا ڪري ، پِيچ وارو علائقو گاهه ۽ پوک لائق ڪري ، نالو رکيو ويو ” ٽُٽاهه “ ؛ يعني ٽُٽَڻ وارو هنڌ . هن ديهه جي ڳوٺ نوراڻي ( لاشاري ) ۾ ناگور ذات جا ماڻهو رهندڙ آهن ، جيڪي اصل راڄپر آهن . ٻيو ڳوٺ حاجي غلام محمد نالي سان آهي ، جنهن ۾ راڄپر رهندڙ آهن . ٽيون ڳوٺ جهنڊو ناگور آهي ، جنهن ۾ خاصخيلي ، لاشاري ۽ حاجاڻا رهندڙ آهن.


لفظ ٽُٽاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو