داخلا جي تاريخ 2011-12-19
داخلا نمبر 293
عنوان آتڻ
شاخ ڪپڙو
پڙهيو ويو 363 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

آتڻ

آتڻ: گهر جو اهو حصو، جنهن ۾ ويهي عورتون آڳاٽي وقت ۾ سُٽ ڪتينديون هيون، جتي اوڙي پاڙي جون عورتون به اينديون هيون. سُٽ ڪتڻ جا جدا جدا مرحلا هئا: پهرين ڦٽيون ٽاڻي، ڪڪڙا ۽ ڪپهه جدا ڪرڻ، پوءِ ڪپهه مان پها ۽ پوڻيون ٺاهڻ، جن مان پوءِ سُٽ ڪتڻ ۾ آساني ٿيندي هئي. سُٽ، چرخي تي ڪتبو هو. پُوڻي هڪ هٿ ۾ کڻي ائٽ کي ڦيرو ڏبو هو ته ڦَڪ ڦرندي هئي، جنهن جي چهنب ۾ ڪپهه جي پوڻي ڏيڻ سان تند ٺهڻ شروع ٿيندي هئي. آتڻ ۾ ٺهيل سُٽ دڪاندار کي وڪرو ڪبو هو، يا ڪپڙي اُڻڻ لاءِ ڪوريءَ کي ڏبو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

ڪپڙو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بافتو
آتڻ
بخمل
ٻاروتو
ٻانڌڻو
ٻٽ (ڪپڙو)
ٻپڙي
ارم ارمق
ٻنڌڻ
اکياڙي
ڪپڙو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون