آدم خان رند

آدم خان رند: تحريڪ پاڪستان جو هيءُ سرگرم ڪارڪن، ضلعي جيڪب آباد جي ڳوٺ جعفرآباد ۾ 1908ع ۾ ڄائو. سندس نسبي سلسلو ”مير گگهي رند“ سان ملي ٿو، جيڪو شهنشاهه همايون سان گڏ دهليءَ ويو هو. آدم خان جو ڏاڏو جعفرخان رند انگريزي فوج ۾ رسالدار (هڪ سئو سپاهين جو آفيسر) هو. کيس قابل قدر خدمتن سرانجام ڏيڻ تي انگريزن جاگير عطا ڪئي، جيڪا جيڪب آباد، آباد ٿيڻ کان پوءِ ’جعفرآباد‘ جي نالي سان ڳوٺ طور مشهور ٿي.
آدم خان جو وڏو ڀاءُ خان بهادر سعيد خان به ڪنڌڪوٽ جو وڏو جاگيردار ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ هو. خان رند'>آدم خان رند، تحريڪ پاڪستان ۾ مسلم ليگ جو ساٿ ڏنو ۽ ڀرپور حصو ورتائين. 1946ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. هن جي اثر سبب ڪانگريس کي ڪنڌڪوٽ ۾ پکڙجڻ جو موقعو نه مليو. 1968ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1908.00.00  عيسوي

آدم خان رند ضلعي جيڪب آباد جي ڳوٺ جعفرآباد ۾ 1908ع ۾ ڄائو .


1968.00.00  عيسوي

آدم خان رند 1968ع ۾ وفات ڪئي.



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بينظير ڀٽو شهيد
اڪرام الله ڌاريجو
اڪبر خان بگٽي
اختر مينگل
عبدالواحد آريسر
بروهي جان محمد
بشير خان قريشي
انڙ غلام رسول
ابڙو تاج محمد
اعجاز علي شاهه شيرازي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون