رسالدار

رسالدار: لشڪر جي اڳواڻ کي رسالدار سڏيو ويندو آهي. هي اصل ۾ فارسي لفظ آهي، جنهن جو اشتقاق رساله (ٽولو) + داشتن (رکڻ) ٿيندو ۽ ان جي اصطلاحي معنيٰ رسالي (دستي) جو اڳواڻ يا هڪ فوجي عهديدار. مغلن جي فوج ۾ مختلف دستن/ رسالن جي اڳواڻ کي رسالدار سڏيو ويندو هو. اڄ ڏينهن تائين پاڪستاني فوج ۾ به رسالدار لفظ ساڳي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو.


لفظ رسالدارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو