داخلا ؛ 2547
پڙهيو ويو ؛ 430
پسند ڪيو ويو ؛ 3
تاريخ ؛ 2012-03-13


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آرڙ جي ڍنڍ

ٽائيٽل ؛ آرڙ جي ڍنڍ


شاخ : ڍنڍون ڍورا

آرُڙَ جي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ديهه ”ٻليدائيءَ“، تپي ٻليدائيءَ، تعلقي ميهڙ جي -اتر- ۾ ۽ ڌامراهه واهه جي اورئين پاسي تي آهي. نقشي مطابق آرُڙ َٽن ديهن تي پکڙيل آهيِ: (1) ديهه ٻليدائي، (2) ديهه وارياسو ۽ (3) ديهه ڪاملپور. هيءَ ڍنڍ هر سال نيلام ٿيندي آهي. ڍنڍ جي -اوڀر- ۾ ”ٻلهڙا“ ڳوٺ آهي، جيڪو ڍنڍ جي ڪناري تي آهي. هن ڳوٺ ۾ ٻه ذاتيون رهنديون آهن. (1) ٻلهڙا ۽ (2) ٻَٻر، اهي لاڙڪاڻي ضلعي جي اسراڻ زميندارن جي پوک ڪندا آهن. هيءَ ڍنڍ ملاحن کي ٺيڪي تي ڪانه ملندي آهي، پر سولنگي ذات جا ماڻهو ٺيڪي تي کڻندا آهن. هن ڍنڍ ۾ مڇي به چڱي مرندي آهي ۽ سيپٽمبر کان مارچ مهيني تائين پکي به -جام- مرندو آهي. ميهڙ ۽ نصيرآباد جي مارڪيٽ ۾ آرُڙَ ڍنڍ جو پکي -جام- پهچندو آهي، جتان دادو شهر جا پکين جا واپاري به پکي کڻي ويندا آهن. -بندوق- جو شڪار آفيسر ۽ زميندار ڪندا آهن، نه ته هتي پکين جي اهڙي شڪار تي بندش پيل آهي. مقاطعيدار پاڻ آڏين ۽ ونجهرن ۾ پکي مارائيندا آهن. -آڙي- خاص ڪري ”پئوَن“ ۾ ڦاسائي مارائيندا آهن. مڇي پکين جي موسم کان پوءِ هر روز ڪافي تعداد ۾ مرندي آهي. آرُڙَ ڍنڍ جو هڪ -پاسو- ٻه ڪلو ميٽر ٿي ويندو. هيءَ هن دؤر ۾ ميهڙ تعلقي جي وڏي ۾ وڏي ۽ تمام پراڻي ڍنڍ آهي. هن ڍنڍ جي ڪنارن سان پَنِ تمام گهڻي ٿئي، انڪري وڏي مڇي سياري ۾ پَن ۾ لڪي ويندي آهي. پوءِ به مڇي مارڻ وارا هن ڍنڍ ۾ روز رڇ لاهي پهريِ ڪندا آهن. ڍنڍ جي مڇيءَ لاءِ وڏي ۾ وڏي مارڪيٽ ميهڙ شهر آهي، جتان مڇي ريل رستي -باڊهه- کان ۽ ٽرڪن رستي راڌڻ ۽ ملڪ جي ٻين صوبن ڏانهن به ويندي آهي. آرُڙَ ڍنڍ تي اهو نالو به آڳاٽي دور جو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آرڙ جي ڍنڍ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آرڙ جي ڍنڍ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ڍنڍون ڍورا - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آتڻ ڍنڍ
ٻاڙي ڍنڍ
ٻانهياري ڍنڍ
ٻپيرا ڍنڍ
ٻوڙي ڍنڍ
استيلو ڍورو
بڊام ڍنڍ
الاکائي ڍنڍ
الهه اوڀايو ڍنڍ
ابڙائو ڍنڍ
بڙ جو ڍورو
امير پير جي ڍنڍ
اميناڻي ڍنڍ
آڍاڻي ڍنڍ
اڇ ڍنڍ
بقار ڍنڍ
آرڙ جي ڍنڍ
بگري ڍنڍ
بلاولپور ڍنڍ
آمري ڍنڍ
بوبڪ ڍنڍ
انيتي ڍنڍ
تلو ڍنڍ
ڀاوان
ڀَٽِڻِ جو ڍورو
ڀٽياڻي2
ٺٽي3
ٺٺيا ڍنڍ
ٺپي ڍوري
ٽاڪاڻي
ڀنڊن وارو ڍورو
ٽٻوهين جي ڍنڍ
ڀوتڙا ڍنڍ


.....ڍنڍون ڍورا موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن