داخلا جي تاريخ 2012-06-27
داخلا نمبر 3843
عنوان آزاد
شاخ اخبارون
پڙهيو ويو 356 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

آزاد

آزاد (اخبار ):هي روزاني اخبار هئي، 1940ع ڌاري حاجي الله بخش سومري جي سرپرستيءَ هيٺ نڪرندي هئي، گوبند مالهي ۽ قادر بخش اخبار جا مددگار هئا. هن اخبار جو پهريون ايڊيٽر مولانا عبدالڪريم چشتي هو، مولانا دين محمد وفائي ۽ رحيم داد خان مولائي شيدائي به هن اخبار جا ايڊيٽر ٿيا، بعد ۾ هي اخبار هفتيوار اخبار بڻي، گوبند لوڪرام ڀاٽيا به هن اخبار جو ايڊيٽر ٿي رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو