بحرين جو جھنڊو

بحرين جو جھنڊو

بحرين جو نقشو

بحرين جو نقشو

بحرين جو نقشو گگل ارٿ تي

بحرين جو نقشو گگل ارٿ تي

بحرين جو هڪ عوامي احتجاج

بحرين جو هڪ عوامي احتجاج

بحرين جون گھمڻ لائق جڳهون

بحرين جون گھمڻ لائق جڳهون

بحرين

بحرين: ايراني نار (Arabian Gulf) جو هيءُ آزاد ملڪ، سعودي عرب ۽ قطر جي وچ تي واقع آهي. سرڪاري نالو ”اسٽيٽ آف بحرين“ اٿس. هن ملڪ جي پکيڙ 678 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ان جي گاديءَ جو هنڌ ”مناما“ (Manama) آهي. سرڪاري ٻولي عربي ۽ سڪو ”دينار“ سڏجي ٿو. هتي جو مذهب اسلام آهي. هن ٻيٽ جي ڊيگهه 48 ڪ. م (30 ميل) ۽ ويڪر 16 ڪ. م (10 ميل) آهي. هتي جو اوچو جبل ”دخان“ آهي، جنهن جي اوچائي 135 ميٽر آهي. آب وهوا ٿڌي، ڊسمبر ۽ مارچ مهينن ۾ مينهن پوي ٿو، جڏهن ته سراسري گرميءَ جو پد 19 درجا آهي. هيءُ ملڪ عيسوي سال کان 2000 سال اڳ واپار جو وڏو مرڪز هو. 18 صدي عيسويءَ ۾ خليفي خاندان جي قبضي هيٺ رهيو. هن ملڪ جو 1861ع ۾ برطانيا سان دفاعي معاهدو ٿيو. 1971ع ۾ آزادي حاصل ڪيائين ۽ 1973ع ۾ پارلياماني نظام قائم ڪيو ويو. ملڪ جو وڏو سربراهه ”امير“ آهي، جيڪو وزيرن کي مقرر ڪندو آهي؛ جڏهن ته سمورن وزيرن جو سربراهه وزيراعظم هوندو آهي. هيءُ ملڪ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. هتي تيل جا وڏا ذخيرا، قدرتي گئس، چن جو پٿر ۽ جپسم وڏي تعداد ۾ ملي ٿو. ان کان سواءِ هتي تيل صاف ڪرڻ ۽ جهازن جي مرمت جا ڪارخانا پڻ آهن. هن وقت بحرين تيل جي واپار، بئنڪنگ ۽ تجارت جو وڏو مرڪز آهي.


لفظ بحرينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2000.00.00  قبلِ مسيح

بحرين: ايراني نار ( Arabian Gulf ) جو هيءُ آزاد ملڪ ، هيءُ ملڪ عيسوي سال کان 2000 سال اڳ واپار جو وڏو مرڪز هو


1861.00.00  عيسوي

. بحرين: ايراني نار ( Arabian Gulf ) جو هيءُ آزاد ملڪ هن ملڪ جو 1861ع ۾ برطانيا سان دفاعي معاهدو ٿيو . 1971ع ۾ آزادي حاصل ڪيائين ۽ 1973ع ۾ پارلياماني نظام قائم ڪيو ويو .


1971.08.15  عيسوي

. بحرين: ايراني نار ( Arabian Gulf ) جو هيءُ آزاد ملڪ هن ملڪ جو 1861ع ۾ برطانيا سان دفاعي معاهدو ٿيو . 1971ع - 15-August -1971 ۾ آزادي حاصل ڪيائين ۽ 1973ع ۾ پارلياماني نظام قائم ڪيو ويو .


1973.00.00  عيسوي

. بحرين: ايراني نار ( Arabian Gulf ) جو هيءُ آزاد ملڪ هن ملڪ جو 1861ع ۾ برطانيا سان دفاعي معاهدو ٿيو . 1971ع ۾ آزادي حاصل ڪيائين ۽ 1973ع ۾ پارلياماني نظام قائم ڪيو ويو .



ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سوئيڊن
برطانيا
ڀوٽان
زمبابوي
اسپين
تنزانيا
روانڊا
ٿائي لينڊ
آسٽريا
پورچوگال
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون