داخلا نمبر 3098
عنوان آهورو
شاخ مختلف
پڙهيو ويو 504 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

آهورو

آهُرو/ آهورو: چوپائي مال جي چاري کائڻ لاءِ ڪُونَر، مٽيءَ يا سِرُن جو چورس يا مستطيل حوض، جنهن ۾ گاهه وغيره وجهبو آهي ته جيئن چوپايو مال، جهنگ چري، اچي آهوري ۾ گاهه ۽ ڏارو وغيره کائي ڍءُ ڪري. انهيءَ ڪري چوڻي آهي ته ’جن کاڌو آهورن ۾، سي پاهورن ۾ ڪيئن کائيندا؟‘ (پاهورو يعني توبرو).
ٿر ۾ ٽوهن وجهڻ لاءِ کوٽيل کڏ کي به آهورو چئبو آهي. ٿر ۾ جيڪو ڏُٿ گڏ ڪندا آهن، اُن ۾ ٽوهه به شامل هوندو آهي. ان جو تفصيل هن طرح آهي ته گهر جي اڱڻ ۾ يا ڪنهن محفوظ جاءِ تي هڪ وڏي کڏ کوٽي، ان ۾ تازن ٽوهن جون ٽوڪريون ۽ ڀريون وجهندا ويندا آهن. جڏهن کڏ جا ٽي حصا ڀرجي ويندا آهن، تڏهن باقي کڏ کي واريءَ سان ڀري ڇڏيندا آهن. گهڻي وقت گذرڻ کان پوءِ انهيءَ کڏ مان ٽوهن کي ڪڍي، انهن کي ڏنڊن سان ڪُٽي يا انهن تي هلر ڪاهي، وائُري، ٻج ڪڍي صفا ڪري رکندا آهن. اُها کڏ، جيڪا ٽوهن سُڪائڻ لاءِ کوٽي ويندي آهي، ان کي آهرو ۽ سڪل ٻجن کي ’ڪُوريون‘ (ڪُريون) چوندا آهن.
ٿر جا ماڻهو اهي ٻج گڏ ڪري گُنديون ڀري رکندا آهن ۽ مهينن جا مهينا صرف انهن ڪرين تي گذران ڪندا آهن. کائڻ کان اڳ انهن ٻجن کي دانگيءَ تي ڀُڃي، ان ۾ ٿورو لوڻ ملائي، پوءِ ڀڳڙن وانگر ٻُڪ ڀري کائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابِينَ
بادامي
بادگيرُ
بادِلو
بار/ ٻار
آبراڻي
آبـِـري1
آبـِـري2
بارلو
بازيگر
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون