داخلا ؛ 4071
پڙهيو ويو ؛ 898
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-06-29


تصويرون


achar-faqeer-mangarhar.jpg
آچر فقير مڱڻهار
آچر فقير مڱڻهار



ٽائيم لائين

1929.00.00-A.D
آچر فقير مڱڻهار: فقير محمد آچر مڱڻهار 1929ع ڌاري ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ محسن ڏگي ۾ پيدا ٿيو ، سندس اصل نالو مور فقير هو .

1998.00.00-A.D
آچر فقير مڱڻهار: هن 23 نومبر 1998ع تي وفات ڪئي ۽ پڳ سندس پُٽ رسول بخش کي ٻڌائي وئي .




sindhianaسنڌيانا--آچر فقير مڱڻهار

ٽائيٽل ؛ آچر فقير مڱڻهار


شاخ : موسيقار

آچر فقير مڱڻهار: فقير محمد -آچر- مڱڻهار 1929ع ڌاري ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ محسن ڏگي ۾ پيدا ٿيو، سندس اصل نالو مور فقير هو. -اکيون- کولڻ سان سندس واسطو سُر ۽ تال سان پيو، -ان- لاءِ پڙهي ڪو نه سگهيو. هن راڳ جي شروعاتي سکيا پنهنجي چاچن الهڏني فقير ۽ امين فقير کان حاصل ڪئي، جيڪي -ان- وقت پنهنجي تَـرَ ۾ راڄ ڀاڳ وارا ۽ ناميارا ڪلاسيڪل شرنائي نواز هئا. -ان- کان پوءِ ٽنڊي الهيار جي ڪلاسيڪل راڳين -استاد- ملڪ مظهر خان، ڪلو -ڀائي- ۽ محمد رمضان کان راڳ جي سکيا ورتائين. هن کي موسيقيءَ جا وڏا قدردان مليا، -جن- ۾ غلام رسول شاهه جيلاني ميرپورخاص وارو، ملوڪ شاهه بڪيرن وارو، خادم علي شاهه، سالڪ لاکو ۽ حاجي لکانو ڪوري وغيره اچي وڃن ٿا. -جن- سندس قدرداني ۽ همت افزائي ڪئي. هن سنگيت جي کيتر ۾ خاص طور شرنائيءَ جي ميدان ۾ نوان تجربا ڪيا. سندس -اوطاق- سنگيت اڪيڊمي لڳندي هئي. مڱڻهارن جي ڪاڄن ۾ سرن ۽ سازن جي چٽاڀيٽيءَ دوران سنڌ جا نالي وارا جوڙ هڪ ٻئي پٺيان ميدان مارڻ لاءِ حيلا هلائيندا هئا. -آچر فقير- جي زندگيءَ ۾ اهڙين چٽا ڀيٽين جا ڪيترائي مرحلا آيا، پر ڪڏهن به ڪنهن کانئس کٽڻ ته پري رهيو، پر همعصري جي به دعوا نه ڪئي. -آچر فقير- نه رڳو شرنائي وڄائڻ ۾ وڏو نالو ڪڍيو، پر هن گائڪيءَ ۾ به ڪمال حاصل ڪيو. سندس -اوطاق- تي وقت جا وڏا وڏا خانصاحب اچي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا، -جن- ۾: -استاد- منظور علي خان، -استاد- اميد علي خان، -استاد- امانت علي خان،
استاد محمد جمن، شادي فقير، -استاد نياز حسين- وغيره قابل ذڪر آهن. ريڊيو ۽ ٽي وي تي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. سندس ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسٽون پڻ -جاري- ٿيون. هن 23 نومبر 1998ع تي وفات ڪئي ۽ پڳ سندس پُٽ رسول بخش کي ٻڌائي وئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -آچر فقير مڱڻهار- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آچر فقير مڱڻهار - مان نڪتل ٻيون شاخون-


موسيقار - موضوع جون ٻيون داخلائون-
استاد امجد علي خان
استاد بخشو خان
استاد بڙي غلام علي خان
استاد بسم الله خان
استاد بيبو خان
استاد پيارو خان
استاد جمالو خان
استاد رسول بخش ڪلهوڙو
استاد سينڌو خان
الهه رکا
امداد حسين
امرت خان
احمد ابراهيم
احمد جي چاڳلا
احمد مغل
بلاول بيلجم
بلو سي راڻي
بسنت فقير زوار
آسر فقير
استاد نصرت فتح علي خان
اڪبر خميسو خان
آچر فقير مڱڻهار
بزمي نثار
استاد ببر علي
امداد حسين (موسيقار)
اَمانت گل
ڀائي لعل محمد استاد
تان رس خان
تان سين
پاٽائي شيخ لاڏجيو
پير محمد زمان شاهه هاشمي


.....موسيقار موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن