داخلا نمبر 3918
عنوان اسلم آزاد ڊاڪٽر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 763 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
ڊاڪٽر اسلم آزاد

ڊاڪٽر اسلم آزاد

اسلم آزاد ڊاڪٽر

اسلم آزاد ڊاڪٽر: ناميارو سماجي، سياسي ورڪر، ليکڪ ۽ ڊاڪٽر اسلم آزاد 30 آگسٽ 1965ع تي جاتيءَ ۾ جنم ورتو. جاتيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪري، سجاول جي ڪاليج مان انٽر ڪيائين. جنهن کان پوءِ ايم.بي.بي.ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻوڪي يونيورسٽيءَ) مان حاصل ڪري، اتي ئي هائوس جاب ڪرڻ لڳو. ادبي دنيا ۾ هن 1981ع کان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان آغاز ڪيو . سنگت ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو. کيس ادب کان سواءِ حالات حاضره سان گھڻي دلچسپي رهي ۽ صحافت ۾ به اڳڀرو رهيو مختلف تنظيمن ۾ رهيو. شخصيتن کان انٽرويو ورتائين، ڪالم لکيائين. هن ڄامشوري مان پندرهن روزه اخبار ”آواز“ به جاري ڪئي هئي، جنهن جو پاڻ چيف ايڊيٽر هو، 1991ع ۾ هائوس جاب دوران هڪ فلاحي اداري جي مدد سان ڪنهن ڳوٺ ۾ طبي ڪئمپ لڳائڻ جي سلسلي ۾ ساٿين سان گڏ ويو، واپسيءَ ۾ تڙ خواجا کان سجاول ڏانهن ايندي ٽرئفڪ حادثي ۾ سندس ڪرنگهي جي هڏي ٽٽي پئي، جنهن جو علاج هن ملڪ جي وڏين اسپتالن مان ڪرايو. پر پوريءَ طرح ٺيڪ ٿي نه سگهيو آهي ۽ اڄ تائين وڏيءَ همت سان ان تڪليف سان منهن ڏيندو پيو اچي. مطالعي جو ذوق رکندڙ ڊاڪٽر اسلم آزاد هن وقت سجاول ۾ رهائش پذير آهي ۽ اتان جي سماجي، ادبي توڙي سياسي پروگرامن ۾ پاڻ کي وِيل چيئر تي به کڻائي شرڪت ڪندو رهي ٿو. کيس ڏسي انسان جي عظمت ۾ پڪو يقين ٿي وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.08.30  عيسوي

اسلم آزاد ڊاڪٽر: ناميارو سماجي ، سياسي ورڪر ، ليکڪ ۽ ڊاڪٽر اسلم آزاد 30 آگسٽ 1965ع تي جاتيءَ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون