داخلا ؛ 4109
پڙهيو ويو ؛ 885
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-07-02


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--اسڪو پارپولا

ٽائيٽل ؛ اسڪو پارپولا


شاخ : شخصيت

آسڪو پارپولا (Aasko Parpola ): سنڌو لکت جو ماهر آسڪو هيڪي سيجي فرائيڊ پارپولا، هيلسنڪي يونيورسٽي فن لينڊ ۾ هندستان شناسيءَ جو ايمريٽ پروفيسر آهي. سندس -جنم- 12 -جولاءِ- 1941ع تي ٿيو. سندس والــد جــو نالـو آتـو ڪـلـيـروو پـارپـولا
(Aatto Kalervo) هو. هن جي ڏاڏي ڪارلو ارڪي -جپان- ۾ عيسائي مشنرين سان ڪيترائي سال گڏجي ڪم ڪيو. هن جو چاچو ارمس سيلونين (Armas Salonon) هيلسنڪي يونيورسٽي فن لينڊ ۾ اسيريا شناسيءَ (Assyriology)جو پروفيسر هو. سندس -ڀاءُ- سيموئل
(Semo) پارپولا، پنهنجي چاچي جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ اتي ئي اسيريا شناسيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. آسڪو پارپولا 1959ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. ڪلاسيڪل -تعليم- حاصل ڪرڻ لاءِ هو انڊولاجيءَ (هندستان شناسي) جي شعبي ۾ هيلسنڪي يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو. هن 1963ع ۾ هندستان شناسي ۾ ايم. اي ڪئي. 1966ع ۾ ايم. فل ۽ 1968ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين. 1972ع ۾ سينٽرل انسٽيٽيوٽ فار نارڊسڪ (Central Institute for Nordisk) ڪوپن هيگ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ٿيو. 1981ع ۾ هندستان شناسيءَ جي شعبي جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. هن پنهنجي سڄي قابليت سنڌو لکت جي ڀاڃ تي صرف ڪئي ۽ 30 سالن جي طويل عرصي تائين سنڌو لکت جي ڀڃڻي جي ڪم ۾ سرگرم رهيو. -ان- ڏس ۾ هن 1994ع ۾ هڪ ڪتاب ’سنڌو لکت جي ڀڃڻي‘ (Deciphering the Indus Script) شايع ڪرايو، جيڪو سنڌو لکت جي حوالي سان پنهنجي نوعيت جو بنيادي ڪتاب آهي. 1968ع کان انهيءَ نُڪتي تي زور ڏيندو رهيو آهي ته سنڌو -تهذيب- ۽ لکت دراوڙي -تهذيب- ۽ لکت آهي. هن انڊولاجيءَ ۾ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي ۽ -ان- حوالي سان سنڌو -تهذيب- ۽ لکت تي کيس وڏي دسترس حاصل آهي. هن هندستان جي قبل از تاريخ، ڏکڻ -ايشيا- جي مذهبن جي چڱو اڀياس ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌو تهذيب، سنڌو لکت ۽ مذهب، سنڌو لکت جي مهرن جي ڀاڃ، ويد، ويدي، سماج، هندو ڌرم، -تامل- ناڊو ۽ ڪرناٽڪ جي ٻولين: سنسڪرت، ملايالم، -تامل- وغيره تي -تحقيق- اچي وڃي ٿي. -ان- کانسواءِ هن ڏکڻ -ايشيا- جي -تاريخ- کان اڳ جي آرڪيالاجي ۽ وچ -ايشيا- ۾ آرين جي آمد تي به گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن سنڌو -تهذيب- واري لکت کي قديم -تامل- -ٻولي- سان ڀيٽي -تحقيق- جي دائري کي وسيع ڪيو، سندس سنڌو لکت واري -تحقيق- کي عالمانه نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. سندس سنڌو -تهذيب- جي لکت ۽ مهرن تي ”Corpus of Indus Seals and Inscriptions“ نالي سان ٻه جلد يونيسڪو طرفان ڇپايا ويا آهن، -جن- ۾ سنڌو لکت جي ڀاڃ ڏني وئي آهي. ٻنهي جلدن ۾ سنڌو -تهذيب- جي لکتن جي مهرن جا عڪس پڻ ڏنل آهن. سندس هي ڪم سنڌو لکت جي سلسلي ۾ سڄيءَ دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جو اهم تحقيقي ڪم مڃيو وڃي ٿو، آسڪو پارپولا سٺ جي ڏهاڪي کان اڪثر -پاڪستان- ايندو رهيو آهي ۽ اڪثر ڪري سنڌ جي مشهور اديب سراج ميمڻ جو مهمان ٿي رهيو آهي ۽ سنڌو لکت جي حوالي سان سنڌي عالمن سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ بحث ڪري پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندو رهيو آهي. کيس 23 جون 2010ع تي ڪيليگنر ايم ڪرونانيڌي ڪلاسيڪل اوارڊ سان نوازيو ويو. -ان- کان علاوه هندستان سرڪار پاران کيس، خدمتن جي مڃتا طور ”پدم ڀوشن“ جي ممتاز اعزاز سان پڻ نوازيو. هن جون ڪيتريون ئي لکڻيون مختلف زبانن جهڙوڪ: فنش
(Finsh)، سوئيڊي (Swedish)، آڳاٽي سنڌي لپي ۽ سنڌو ماٿري -تهذيب- جي مليل آثارن ۽ نوادرات تي ٻين ماهرن ۽ محققن جي سهڪار سان لکيل سندس ڪتابن ۽ رپورٽس (Reports) جي فهرست هن ريت آهي:
Koskenniemi, Seppo, Asko Parpola & Simo Parpola. Materials for the Study of the Indus Script, I: A Concordance to the Indus inscription. (1973).
Koskenniemi, Kimmo & Asko Parpola, Corpus of texts in the Indus Script. Department of Asian and African Studies, University of Helsinki, Researeh Reports, 1. (1979).
Koskenniemi, Kimmo & Asko Parpola, Documentation and Duplicates of the texts in the Indus Script. Department of Asian and African Stodies, University of Helsinki, Research Report, 2. (1980).
Koskenniemi, Kimmo & Asko Parpola, A Concordance to the texts in the Indus Script. Department of Asian and African Studies, University of Helsinki, Research Report 3. (1982).
Parpola, Asko, The Sky-Garment: A Study of the Harappan religion and its relation to the Mesopotamian and later Indian Religions. (1985).
Joshi, Jagat Pati & Asko Parpola, Corpus of Inds Seals and inscriptions. 1: Collection in India, editel with the assiastance of Erja Lahdenpera & virpi Hameen Antilla. Archaeological Survey of India. (1987).
Shah, Sayid Ghulam Mustafa & Asko Parpola, Corpus of Indus Seals and Inscriptions. 2: Collections in Pakistan, Edited in collaboration with Ahmed Nabi khan, M.Rafiqure Mughal, F.A Durani, M.A Halim, George F.Dales, Michael Jonsen, M. Tosi, Waler A. Fairservis and Giorgio Stacul and with the Assistance of Jyrki Lyytikka, S.M.Ilyas, Arto Voohelainen and Petteri Koskikallio. Department of Archaeology and Museum, Government of Pakistan. (1991).
Parpola, Asko & Petteri Koskikalio, South Asian Archacology 1993. Poceeding of the 12th international conference of the European Association of South Asian Archacologists held in helsinki University 5-9 July 1993. Vol. I-II (1994).
Parpola, Asko. Deciphering the Indus Script. Cambridge: Combridge University. (1994). (10) Parpola, Asko. Deciphering the Indus Script: Methods and select interpretations. Keynote address delivered at the 25th Annual South Asia Conference, University of Wisconsin, 18-20 October 1996. (Published by Madison: Centre for Soth Asia, University of Wisconsin. (1997).
Parpola, Asko, B.M. Pande & Patteri Koskikallio. Corpus of Indus Seals and Inscriptions. 3: New material, Untraced Objects and collections outside India and Pakistan. (2006).




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -اسڪو پارپولا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اسڪو پارپولا - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن