اظهر گيلاني

اظهر گيلاني: سيد انور علي شاهه اظھر گيلاني ولد اصغر علي شاهه گيلاني، 11 آڪٽوبر 1915ع/ پھرين ذوالقعد 1333هه، جمعي جي ڏينھن پنھنجي ناناڻي ڳوٺ لالو رانڪ تعلقي وارهه ۾ پيدا ٿيو. قرآن شريف جو درس آخوند بخش علي رُڪ ۽ ’ملا‘ ٻُڍي چانڊيي کان ورتائين. سنڌي، محمد رمضان ”احقر“ ۽ ماستر ربڏني مَلِڪ وٽ پڙهيو. فارسي سيد موسيٰ شاهه گيلانيءَ وٽ ۽ انگريزي هاءِ اسڪول گهوٽڪيءَ ۾ پڙهيو. ملازمت ڪوآپريٽو سوسائٽي، ايڪسائيز، ريلوي پوليس، هزماسٽرس وائيس ڪمپني، دهلي، ڪولمبيا رڪارڊنگ ڪمپني لاهور ۽ ريڊيو پاڪستان، ڪراچيءَ ۾ ڪيائين، هن نظم ۽ نثر ۾ 200 ڪتاب لکيا، گيتا جو منظوم ترجمو، گيتن ڀري ڪھاڻي جو خالق، پھرين سنڌي فلم ”ايڪتا“ جو مڪالما نگار ۽ شاعر، سياست ۾ ذوالفقار ڀٽو سان گھري سڃاڻپ، پير هوندي پيرن خلاف ڪتاب لکيائين. وڏيرن سان ٽڪر کاڌائين، مٿس 60 کان مٿي ڪيس داخل ٿيا. 1948ع کان علم ادب جي خدمت ۾ مصروف رهيو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، فيض بخشاپوريءَ، حاميءَ، واصف، نظاميءَ ۽ ٻين گهڻن ناميارن شاعرن سان دوستيءَ جا ناتا رهيا. ڳائڻن، درويشن، عالمن، اديبن سان سندس رهاڻيون رهيون آهن. سال 1952ع ۾ ’قصر الادب‘ جي نالي سان ادارو قائم ڪيائين، جنھن مان هن وقت تائين 25 نظم ۽ نثر جا ڪتاب شايع ٿيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’آواز عشق‘، ’سُخن بينظير‘، ’سريلا سخن‘،’ڪربلا جو ڪوس‘ (ترتيب: 1960ع)، ’قليات ڪمال‘ (ترتيب: 1967ع)، ’دفتر غم‘، ’رعدِ اظھر‘، ’ذڪر وفڪر‘، ’شان نزول‘، ’مينا بازار ۾‘، ’مقصد حسن‘، ’دل جون ڳالهيون‘، ’واردات‘ (تارڪ نمبر)، ’لعلن لپ‘، ’حديث حسن‘، ’پڳڙي جون پڳڙيون‘، ’12 ڏينھن پنجاب ۾‘ (ڊائري: 1968ع)، ’فِڪرِ فيض‘ (فيض بخشا پوري جي ڪلام جي شرح: 1968ع)، ‘معجزه سعيده‘ (1979ع)، ’دوست ڪُھائي دادلا‘ ترتيب: 1972ع)، ’ڪورٽ کان جيل تائين‘ (1981ع) ’سلام و نوحجات‘ (1985ع)، ’اندر رت ريلا‘ (1986ع)، ’محشر خيال‘ (1987ع)، ’قضيو ڪربلا جو‘ (1987ع)، ’مھر عوامي عدالت ۾‘ (1988ع)، ’حق جو هوڪو‘ (1991ع)، ’سيئي سڪي ساريان‘ (آتم ڪھاڻي: 1999ع)، ’ٻه ٻولا ها‘ (نثر: 2000ع) ۽ ’شاهه جي ڪلام ۾ پھاڪا ۽ محاورا‘ (2004ع) مشھور ڪتاب آهن. پاڻ ڪيترين ئي هفتيوار اخبارن، جھڙوڪ: ”عالمگير“ (لاڙڪاڻو ۽ سکر)، ”افلاطون“، ”سچ“ ۽ ”طوفان“ (سکر) جو ايڊيٽر ٿي رهيو آهي. هن گهوٽڪيءَ مان هفتيوار ”ذوالفقار“ به جاري ڪئي. سندس وفات 22 جولاءِ 2006ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ٿي.


لفظ اظهر گيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.10.11  عيسوي

سيد انور علي شاهه اظهر گيلاني 11 آڪٽوبر 1915ع تي ڳوٺ لالو رانڪ تعلقي وارهه ۾ پيدا ٿيو


2006.07.22  عيسوي

اظهر گيلاني جي وفات 22 جولاءِ 2006ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀائو در محمد ٻرڙو
حسن وساڻ
صلب بن قاسم
امير بهادر ثاني
سريچند پنجومل صابلاڻي
شيخ محمد 2
جاويد شيخ
پير محمد اسماعيل جان سرهندي
ادراڪي بيگلار
ڌڻي بخش مهر مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون