داخلا نمبر 4341
عنوان اعجاز سمون
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 216 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

اعجاز سمون

اعجاز سمون: مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار اعجاز علي ولد فتح علي سمون 2 آگسٽ 1963ع تي خيرپور ميرس شهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمريءَ کان انٽر سائنس تائين تعليم خيرپور ۾ پرائڻ بعد چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ورتائين. ڊاڪٽر اعجاز سمي لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪئي. پهريائين ڪهاڻيون لکيائين، جنهن بعد ڪجهه ڊراما به لکيائين، جيڪي ريڊيو پاڪستان خيرپور، سنڌ ٽي وي ۽ ڪي . ٽي . اين تان نشر ٿي چڪا آهن. ڪهاڻين کان علاوه هن سياسي ۽ سماجي مسئلن تي ڪالم به لکيا آهن، جيڪي مختلف سنڌي اخبارن ۾ وقت به وقت شايع ٿيندا رهيا آهن. هن ڪجهه عرصو روزاني ’خبرون‘ اخبار ۾ هفتيوار ڪالم ”سڪل بڙ جي ڇانوَ ۾“ عنوان سان لکيا، جن پڙهندڙن ۾ هڪ علحده حيثيت ٺاهي. سندس ڪهاڻين جا ٻه ڪـتـاب ”ڪـمـري ۾ لـڳـل تصوير“ (1998ع) (2) ”فائيل ۾ بند ٿيل هڪ ڇوڪري“ (2003ع) ۾ شايع ٿيل آهن. هن وقت تائين هن ڪيترائي اوارڊ، سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آهن، جن ۾ سنڌي ادبي سنگت خيرپور اوارڊ، ٽـيـلـينٽ فورم خيرپور اوارڊ، 1998ع ۾ قابل ذڪر آهن. هيءُ هن وقت سول اسپتال خيرپور ۾ ڊاڪٽر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.00.00  عيسوي

اعجاز علي سمون 2 آگسٽ 1963ع تي خيرپور ميرس شهر ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون