داخلا نمبر 1358
عنوان اعجاز قريشي پروفيسر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 858 ڀيرا
داخلا جو حوالو
پروفيسر اعجاز قريشي

پروفيسر اعجاز قريشي

اعجاز قريشي پروفيسر

اعجاز قريشي، پروفيسر: مشهور سنڌي اديب، مورخ، تعليمي ماهر ۽ سماجي اڳواڻ پروفيسر اعجاز قريشي، 2 جنوري 1948ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ جي ’بختيارپور‘ ڳوٺ ۾، سنڌ جي مشهور وڪيل علي احمد قريشيءَ جي گهر ۾ ڄائو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ، يونيورسٽيءَ پاران اسڪالرشپ ملڻ تي، لنڊن يونيورسٽيءَ مان معاشيات ۾ ايم. اي ڪري وطن موٽيو.
سندس تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن: ’سنڌ ۾ آبپاشيءَ جا مسئلا ۽ زراعت‘ (لنڊن يونيورسٽيءَ مان ڪيل ايم اي جي انگريزيءَ ۾ ٿيسز، جنهن جو بعد ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو)؛ ’سنڌ جي تاريخ ارغون ۽ ترخان دور‘، ’سنڌ جي تاريخ ڪيئن لکجي‘ ۽ ’تاريخ جو سبق‘ (ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي ڪتابن جا ترجما)؛ ’سنڌ جي اقتصاديات‘ (شريڪ مصنف) سنڌالاجيءَ طرفان ڇپايل، ’سنڌ جو آواز‘ (ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي ڪتاب جو ترجمو)، ’اچو ته نئين سنڌ جي تعمير ڪريون‘. ’هي جي واڪا واءُ ۾‘، ’چار مارچ ۽ اڄوڪي سنڌ‘ (ترتيب). ’ڏاها هن ڏيهه جا‘ (ڪونج رسالي ممبئيءَ پاران ڇپيل)، ’ڪوميلا کان اورنگيءَ تائين‘، (اختر حميد خان جي ڪتاب جو ترجمو)، سنڌي ٻولي، ماضي، حال ۽ مستقبل (ترتيب) انهيءَ کان سواءِ اقتصاديات، سماجيات ۽ سنڌ جي ادبي، ثقافتي، فني ۽ معاشي مسئلن تي 200 کن تحقيقي مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل اٿس. انهيءَ کان سواءِ سندس ننڍڙا سفرناما پڻ ڇپيل آهن. مترجم جي حيثيت سان سنڌ بابت انگريز عملدارن ۽ ٻين جي مضمونن جا انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ڪيترا ترجما پڻ ڇپيل اٿس.
پروفيسر اعجاز قريشيءَ، 8 سال حڪومت پاڪستان طرفان قائم ڪيل نئشنل رورل سپورٽ پروگرام (NRSP) جو ڊائريڪٽر رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيل ”سنڌ ڊيولپمينٽ اسٽڊي سينٽر“ جو ڊائريڪٽر، مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ”ڊائريڪٽر پلاننگ“، سنڌ يونيورسٽيءَ جي آءِ بي ايس جو ڊائريڪٽر، سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ جو سيڪريٽري، اين جي اوز فيڊريشن سنڌ جو چونڊيل چيئرمئن، بيسنت هال ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو مئنيجنگ ميمبر ۽ ايس. آر. ايس. پيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.
لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ کيس ٻه ڀيرا وزيٽنگ فيلو به چونڊيو ويو، جڏهن ته آمريڪا جو وڏي ۾ وڏو تعليمي اوارڊ ’فل برائيٽ‘ به کيس ملي چُڪو آهي. هن وقت سيڊا ۾ جنرل مئنيجر آهي ۽ سنڌ ۾ پاڻيءَ/آب پاشيءَ جي سڌارن تي ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.01.02  عيسوي

پروفيسر اعجاز قريشي، 2 جنوري 1948ع تي ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون