بختيار پور جو نقشو جنهن ۾ سيوهڻ ۽ منڇر ڍنڍ نظر اچي رهيا آهن گگل ارٿ

بختيار پور جو نقشو جنهن ۾ سيوهڻ ۽ منڇر ڍنڍ نظر اچي رهيا آهن گگل ارٿ

بختيار پور جو نقشو جنهن ۾ سنڌو دريا ۽ منڇر ڍنڍ نظر اچي رهيا آهن

بختيار پور جو نقشو جنهن ۾ سنڌو دريا ۽ منڇر ڍنڍ نظر اچي رهيا آهن

tripmondo.com بختيار پور ڳوٺ جو هڪ منظر

tripmondo.com بختيار پور ڳوٺ جو هڪ منظر

بختيار پور ڳوٺ جو منظر getamap.net

بختيار پور ڳوٺ جو منظر getamap.net

بختيارپور

بختيارپُور: بختيارپور ڳوٺ، اڳوڻي ضلعي دادوءَ ۽ هاڻي ڄامشوري ضلعي ۾ واقع آهي. هي ڳوٺ سيوهڻ کان دادو ويندي ڏهن ڪلوميٽرن پنڌ تي آهي. هن ڳوٺ کان ٿورو اڳيان مشهور شهر آراضي، بوبڪ ۽ ٽلٽي آهن. منڇر ڍنڍ هن ڳوٺ کان اٽڪل ست ڪلوميٽر کن آهي. هي ڳوٺ ڪيترا دفعا منڇر جي پائڻ جي ڪري دڙي تي ٻڌو ويو آهي. هن ڳوٺ ۾ رهندڙ اڪثر ماڻهو قريشي، قاضي ۽ آخوند سڏبا هئا ۽ هن وقت سڀ قريشي سڏجن ٿا. قريشي آباديءَ جا سڀ ماڻهو پڙهيل لکيل آهن ۽ ڳوٺ جي خواندگيءَ جي شرح 100 سيڪڙو آهي. هتان جا 90 سيڪڙو قريشي نوڪري پيشه آهن، جن ۾ ڊاڪٽرن، وڪيلن، انجنيئرن، استادن ۽ تعليمدانن جي گهڻائي آهي. هن ڳوٺ جي قريشين جي اڪثريت وڏا عالم، مولوي ۽ قرآن جا حافظ ٿي گذريا آهن. ڪو وقت اڳ هن ڳوٺ ۾ اسلامي تعليم جا تمام وڏا مدرسا ۽ تعليمي درسگاهون هيون. سنڌ جي ڪيترن شهرن مان طالبعلم هتان فارغ التحصيل ٿي اسلامي تعليم جون سندون (ڊگريون) وٺڻ ايندا هئا. گڏيل هندستان واري دؤر ۾، بوبڪ، ٽلٽي ۽ آراضي وڻج واپار جا وڏا مرڪز هئا، جنهن جو اثر بختيارپور تي به پيو. هتي اجرڪ جي ڇُر به ٿيندي هئي. هن ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر محمد صالح قريشي پهريون سنڌي مسلمان هو، جنهن آمريڪا مان ٻي مهاڀاري لڙائيءَ وقت انجنيئرنگ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي هئي. ڊاڪٽر محمد صالح قريشي حڪومت پاڪستان جي پلاننگ ڪميشن ۾ چيف انجنيئر واٽر اينڊ پاور پڻ رهيو. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌو طاس معاهدي (Indus Water Treaty) جو ميمبر به هو ۽ هندستان سان ڳالهين واري وفد ۾ شامل هو. ڳالهين دؤران هن اها نشاندهي ڪئي هئي ته اصل ۾ هي جڳهڙو هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ نه، پر سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ آهي. 1967ع ۾ سنڌي شاگردن جي چوٿين مارچ تحريڪ کان پوءِ محترم حسن علي عبدالرحمان جي جاءِ تي 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. هُو هن عهدي تي سوا ڏيڍ سال رهيو ۽ ترت ئي سندس جاءِ تي سيد غلام مصطفيٰ شآهه کي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. بختيارپور ڳوٺ ٽي وڏا ماڻهو پيدا ڪيا:
(1) محترم حاجي عبدالحليم قريشي، جيڪو ڳچ وقت سنڌ جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر به رهيو، سندس ذڪر سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ”جانب گذاريم جن سين“ ۾ ڪيو آهي. (2) اُميد علي قريشي، جيڪو ڪليڪٽر رهيو (3) اُميد علي قريشي (U. W. Qureshi)، جيڪو سنڌ جو پهريون چيف انجنيئر رهيو.
بختيارپور ڳوٺ جو خلافت تحريڪ ۾ به ڪافي حصو رهيو آهي. هتان جي هڪ عالم غلام نبي قاضيءَ لاڙڪاڻي مان ”عالمگيراخبار جاري ڪئي هئي جنهن جو ذڪر پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾ ڪيو آهي. بختيارپور هاءِ ڪورٽ جا ٻه ڀائر جج احمد علي قريشي ۽ عبداللطيف قريشي به پيدا ڪيا. علي احمد قريشي سنڌ جو ناليوارو وڪيل، هاري تحريڪ دادوءَ جو رهنما ۽ سائين جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي آهي. سندس فرزند پروفيسر اعجاز قريشيءَ جون سماجي ۽ تعليمي خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هتان جو بقا محمد قريشي، مشهور تعليمدان ۽ ڊائريڪٽر اسڪولس رهيو. هتان ڊاڪٽر محمد شفيع قريشي پيدا ٿيو. موجوده وقت ۾ سنڌ يونيورسٽي، لياقت يونيورسٽي ۽ چانڊڪا يونيورسٽيءَ ۾ بختيارپور جا ڪيترا استاد موجود آهن. ان کان سواءِ واپڊا، سوئي گئس، پاڪسان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۽ ٻين ادارن ۾ به هتان جا فرد وڏن عهدن تي فائز آهن. بختيارپور ۾ قريشين کان سواءِ پنهور، ابڙا، ڏيئا، نائچ ۽ ڀنگر ذاتيون به رهن ٿيون. هن ڳوٺ ۾ ڇهه ست سئو ورهين جي هڪ پراڻي جامع مسجد به موجود آهي.

بختيار پور کان ٻين شهرن جو مفاصلو
Nawabshah 69.3 km / 43.1 miles
Larkana 128.5 km / 79.8 miles
Hyderabad 136.3 km / 84.7 miles
Mirpur Khas 161.2 km / 100.2 miles
Sukkur 175.2 km / 108.8 miles
Karachi 191.6 km / 119.1 miles
Quetta 419.9 km / 260.9 miles
Dera Ghazi Khan 487.8 km / 303.1 miles
Jamnagar 501.8 km / 311.8 miles
Bahawalpur 504.2 km / 313.3 miles
Jodhpur 524.6 km / 326 miles
Multan 550.8 km / 342.2 miles
Rajkot 554.7 km / 344.7 miles
Pali 560 km / 348 miles
Bikaner 573.3 km / 356.3 miles
Qandahar 605.8 km / 376.4 miles
Gandhinagar 610.1 km / 379.1 miles
Ahmadabad 620.7 km / 385.7 miles
Nadiad 664 km / 412.6 miles
Ajmer 684 km / 425 miles
Bhavnagar 685.9 km / 426.2 miles
Bhilwara 698 km / 433.7 miles
Jaipur 800.9 km / 497.7 miles
Kota 819.5 km / 509.2 miles
Kabul 904.7 km / 562.2 miles

ذريعو؛ http://www.gomapper.com/travel/list-of-cities-near/bakhtiarpur.html


لفظ بختيارپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.00.00  عيسوي

ڊاڪٽر محمد صالح قريشي 1967ع ۾ سنڌي شاگردن جي چوٿين مارچ تحريڪ کان پوءِ محترم حسن علي عبدالرحمان جي جاءِ تي 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو .



ڳوٺ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏُونگري
چُوڙيو2
ڌڱاڻو 2
ڇوريٽاڻي
پوپرائي
ٻڍل فقير (ڳوٺ)
ديهات 2
پنجو باغ ڳوٺ
ديورار
ٻلهڻ (ڳوٺ)
ڳوٺ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون