الاهي بخش ٻانڀڻ

الاهي بخش ٻانڀڻ

الاهي بخش ٻانڀڻ

الاهي بخش ٻانڀڻ: نامياري سياستدان رئيس الاهي بخش ولد رئيس جلال الدين ٻانڀڻ جو جنم 1934ع ڌاري ڳوٺ ڪنڊيارِي، تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو. برصغير تي انگريزن جي حڪومت انهن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ خلاف پوري برصغير جي حريت پسندن پوري جاهه ۽ جلال سان منظم ٿي جنگ جوٽي ته هيءُ به انگريزن جي ڪٽر مخالف مرد مجاهد سيد صبغت الله شاهه ”سورهيه بادشاهه“ جي لشڪر ۾ شامل ٿيو، جنهن جي ڪري کيس جيل جون سخت اذيتون به برداشت ڪرڻيون پيون. ان وقت الاهي بخش ٻانڀڻ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ ٻيو درجو انگريزي پڙهندو هو. والد جي وفات کانپوءِ ننڍي عمر ۾ ئي گهر جي ذميوارين جي ڪري وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. هن سياسي زندگيءَ جي شروعات مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ سان ڪئي. هيءُ صدر ايوب خان جي حڪومت ۾ ويسٽ پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهيو. 1970ع واري اليڪشن ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت سان پ. پ. پ جي نامزد اميدوار ملوڪ شر کي شڪست ڏئي ميمبر چونڊيو. هيءُ اڳتي هلي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. سنڌ جي مفڪر ۽ قومي اڳواڻ سائين جي. ايم سيد سان ويجهڙائپ ۽ رسول بخش انڙ جي رفاقت کيس قومپرست ڪري ڇڏيو، هن 1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت بل پيش ڪيو. هن ڪنب کان ڪوٽ لالو لنڪ روڊ، فيض گنج تعلقي ۽ ٺري ميرواهه تعلقي ۾ بجليءَ جي سهوليت ڏياري. هن 9 مئي 1989ع تي وفات ڪئي.


لفظ الاهي بخش ٻانڀڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1934  عيسوي

الاهي بخش ولد رئيس جلال الدين ٻانڀڻ جو جنم 1934ع ڌاري ڳوٺ ڪنڊيارِي ، تعلقي فيض گنج ، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو .


09.05.1989  عيسوي

الاهي بخش ٻانڀڻ 9 مئي 1989ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درويش راڄو ستيو دل
علامي محمد ٺٽوي
سرائي محمد صالح خان
بن بلا/بن باالله
صبيحه خانم
سيد يار محمد شاهه
عبدالغفار صديقي
پارس حميد
امير علي شاهه
آصف اقبال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون