داخلا ؛ 1809
پڙهيو ويو ؛ 320
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-05


تصويرون




ٽائيم لائين

1860.00.00-A.D
امام بخش خان مير 1860ع ۾ ڄائو

1921.02.08-A.D
امام بخش خان مير 8 فيبروري 1921ع تي وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--امام بخش خان مير

ٽائيٽل ؛ امام بخش خان مير


شاخ : شخصيت

امام بخش خان ”مير“: -امام- بخش خان مير، خيرپور جي -ٽالپر- گهراڻي جو پنجون حڪمران هو ۽ حڪمران مير فيض محمد (پهريون) جو ٽيون نمبر پٽ هو. هو 1860ع ۾ ڄائو. مير -امام- بخش جا -ٻه ڀائر- مير غلام علي ۽ مير احمد علي وفات ڪري ويا هئا، -ان- ڪري پيءُ جي لاڏاڻي کان پوءِ کيس 1909ع ۾ پڳ ٻڌرائي وئي ۽ بعد ۾ سندس تاجپوشي ڪرائي حڪومت سندس حوالي ڪئي وئي. سندس حڪومتي معاملن ۾ ڪو خاص ڌيان نه هو، انڪري سمورو وهنوار سندس وزيرن هلايو. پهريائين سندس وزير -تسنيم- صادق علي هو، جيڪو روشن خيال ماڻهو هو، جنهن خيرپور ۾ -تعليم- جو لاڙو وڌايو. سندس وزارت مير -امام- بخش جي دؤر ۾ ٽي سال هلي. هو 1912ع ۾ وفات ڪري ويو ته -امام- بخش خان، اها وزارت محمد ابراهيم جي حوالي ڪئي. مير -امام- بخش جي دؤر حڪومت ۾ سندس صلاح سان خيرپور ۾ لائبرري، جيمخانو، نوان رستا، عمارتون، هنري اسڪول، فئڪٽريون ۽ ٻيا ڪيترائي يادگار ڪم ٿيا. پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي ته انگريزن وزير محمد ابراهيم معرفت ميرن کان تمام گهڻي امداد حاصل ڪئي، جنهنڪري انگريزن مير -امام- بخش کي ”لفٽيننٽ ڪرنل“ جو اعزاز ڏنو.

مير -امام- بخش شڪار جو شوقين هو ۽ علمي ادارن جي به وڏي مدد ڪندو هو. سندس دؤر ۾ عوام ايڏو خوش نه هو، هن ڇيڙ واري رقم ٻن آنن مان وڌائي ٻيڻي ڪري چار -آنا- ڪئي ۽ ائين اڳي مزدورن کي مزدوريءَ جا ٻه -آنا- ملندا هئا ته هن وڌائي چار -آنا- ڪيا، انڪري مزدور خوش ٿيا. ساڻس وزير محمد ابراهيم ۽ ٻنهي پٽن مير علي نواز ۽ مير غلام عليءَ جي آخري ڏينهن ۾ اڻبڻت رهي. مير طبيعت ۾ تيز هو، -ان- ڪري انگريزن محمد ابراهيم کي واپس ڪيو ۽ -ان- جي جاءِ تي نسيم قادرخان وزير ٿيو. آخري ڏينهن ۾ پٽن سان ناراضگيءَ ۾ رهيو ۽ 8 فيبروري 1921ع تي وفات ڪيائين. سندس لاش ڪربلا معليٰ ۾ دفنايو ويو. کيس ٽي پٽ علي نواز خان، علي محمد خان ۽ غلام علي خان هئا .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -امام بخش خان مير- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

امام بخش خان مير - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن