داخلا نمبر 1967
عنوان امر لغاري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 693 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
امر لغاري

امر لغاري

امر لغاري

امر لغاري: سندس اصل نالو محمد يعقوب آهي، هي 30 اپريل 1965ع تي ڳوٺ حاجي احمد خان لغاري، تعلقي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن ايم. اي (انگريزي ادب 1992ع) ۾ ڪئي ۽ هن وقت شهيد صبغت الله شاهه ڊگري ڪاليج سانگهڙ ۾ ليڪچرار آهي. هي مشهور مضمون نگار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. سندس تصنيفن ۾ ”جاڳ“ (شاعري ۽ ڪهاڻيون 1993)، ”لٽ اوراٽي دنيا“، ”جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وهي ٿو“. (مشاهداتي مطالعو 2003)، ”موکي“ (ناوليٽ 2005) ۽ ”ناري جي ڪناري“ (2005) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.04.30  عيسوي

امر لغاري 30 اپريل 1965ع تي ڳوٺ حاجي احمد خان لغاري ، تعلقي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون