طائي

طائي: طائي سومرا خاندان جي حڪمران ٽئين دودي جو پٽ هو. سندس پيءُ جي دهلي جي گورنر ڪشلو خان سان هڪ معرڪي ۾ مارجي وڃڻ کانپوءِ حاڪم بڻيو. پاڻ 1253ع کان 1267ع تائين حڪمران رهيو. هن جي دور ۾ هڪ طرف دهليءَ سلطنت، انتشار جو شڪار ٿي وئي هئي ته ٻئي طرف وري مغل برصغير تي ڪاهون ڪري رهيا هئا. طائي انهيءَ موقعي مان فائدو ورتو ۽ ديبل تي قبضو ڪري پنهنجي رياست ۾ ان کي ٻيهر شامل ڪيو. اتي انتظام لاءِ پنهنجو گورنر مقرر ڪيائين. هن حاڪم ملڪي انتظام ۾ ڪيترائي سڌارا آندا ۽ نئين انتظامي جوڙجڪ ڪيائين. هن حاڪم 14 سال حڪمراني بعد وفات ڪيائين. (سومرن جو دؤر- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ).


لفظ طائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو