انور بلوچ

انور بلوچ

انور بلوچ

انور بلوچ: ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ ڊرامي نگار انور بلوچ جو جنم،
16 اپريل 1952ع تي ڳوٺ محمد حسين بليدي، تعلقي نصير آباد، ضلعي شهدادڪوٽ ۾ ٿيو. تعليم بي. ايس. سي (فاريسٽري) ۽ ايم. اي اڪنامڪس اٿس. ان کان علاوه آبپاشي ۽ واٽر مئنيجمينٽ بابت آمريڪا ۽ لاهور مان تربيت ورتل اٿس. سندس تصنيف ۾ سنگسار (ڪهاڻيون: 1990ع) اي ٽرپ ٽو آمريڪا (سفرنامو: 1996ع)، ٿوهر ڳاڙها گل جلد- پهريون (نوٽ بوڪ تان: 1998ع)، ميرو پاڻي سنڌوءَ جو (ڪهاڻيون: 2000ع)، ڪارو پاڻي (ڪهاڻيون: 1998ع)، آڪاش کان اڳتي (ناول:1998ع) ٿوهر ڳاڙها گل جلد-ٻيو (نوٽ بوڪ تان: 2004ع)، مان منصور ته ناهيان پر...... (مضمون، مقالا ۽ مهاڳ: 2004ع)، پلصراط تي هڪ وک (ڪهاڻيون: 1996ع)، دوزخ مان دري (ناول: 2006ع)، ديس نماڻو ارڏا ماڻهو (مهاڳ، مقالا، مضمون: 2009ع) ۽ ايلشبا (ناول: 2009ع)، باک ڦٽيءَ جو سوجهرو (ناول:2009ع) شامل آهن. هن وقت ڊويزنل فاريسٽ آفيسر آهي.


لفظ انور بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.04.16  عيسوي

انور بلوچ: ڪهاڻيڪار ، ناول نويس ۽ ڊرامي نگار -انور بلوچ- جو جنم ،16 -اپريل- 1952ع تي ڳوٺ محمد حسين -بليدي- ، تعلقي نصير -آباد- ، ضلعي شهدادڪوٽ ۾ ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

برڪت علي چوهاڻ
عبدالحق شيخ
حزب الله ميمڻ شهيد
جيسراڻي ڌرمپال
عبدالله جروار
آچر فقير
اميد علي ڀٽ
علامه رشيد ترابي
جوڻيجو مائي ڪالر
ارون ڌتي راءِ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون