شهدادڪوٽ جي شهر جو ڏيک

شهدادڪوٽ جي شهر جو ڏيک

شهدادڪوٽ جو مکيه رستو

شهدادڪوٽ جو مکيه رستو

شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ (شهر): شهدادڪوٽ، گڏيل طور ’قنبر- شهدادڪوٽ‘ ضلعي ۽ تعلقي جي حيثيت رکندڙ آهي. هيءُ شهر اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ''00'9067 ۽ اتر ڊگهائي ڦاڪ ''00'8527 تي مشتمل لاڙڪاڻي شهر جي اتر اولهه ۾ 44 ڪلوميٽر ۽ قنبر جي اتر ۾ 32 ڪلوميٽرن تي آباد آهي. 2013ع جي انگن اکرن موجب هن شهر جي آبادي 183382 جي لڳ ڀڳ هئي. هن شهر جو بنياد ارڙهين صديءَ جي شروع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي (1701-1719) جي ايامڪاريءَ دوران شهداد خان کهاوڙ وڌو، جيڪو ڪلهوڙا دور ۾ فوجي جرنيل هو. هن شهر جو پراڻو نالو شهدادپور هو، جنهن کي 1922ع ۾ بدلائي شهدادڪوٽ ڪيو ويو.
شهدادپور (شهدادڪوٽ) کي 1883ع ۾ خانبهادر سرائي پير بخش خان کهاوڙ (اول) جي ڪوششن سان تعلقي جي حيثيت ڏني وئي. تن ڏينهن ۾ هيءُ شهر تعلقي جي حيثيت سان ضلعي ۽ سب ڊويزن جيڪب آباد ۾ شامل هو. 1931ع ۾ هن تعلقي کي جيڪب آباد کان ٽوڙي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. شهدادڪوٽ تعلقي کي 1970ع ۾ سب ڊويزن جو درجو ڏنو ويو. هن سب ڊويزن ۾ ٻه تعلقا شهدادڪوٽ ۽ ميروخان شامل ڪيا ويا. شهدادڪوٽ سب ڊويزن جو پهريون اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ سب ڊويزنل مئجسٽريٽ علي محمد شيخ هو. 5 جولاءِ 2005ع تي قنبر-شهدادڪوٽ ضلعي جو قيام عمل ۾ آيو ته هن تعلقي ۽ سب ڊويزن کي لاڙڪاڻي ضلعي مان ڪڍي گڏيل طور قنبر-شهدادڪوٽ ضلعو ڪيو ويو. ضلعي جو هيڊڪوارٽر قنبر ۾ آهي. شهدادڪوٽ ۾ 4 يونين ڪائونسلون، 2 روينيو سرڪلون، 7 تپا ۽ 62 ديهون آهن. شهدادڪوٽ 125283 ايڪڙن جي ايراضي والاري ٿو.
شهدادڪوٽ جو شهر مجموعي طور چئن ڀاڱن تي مشتمل آهي. جنهن جو هڪ ڀاڱو شهر جي مرڪز ڪوٽو موٽو چوڪ کان ڏکڻ طرف، شهر جو ٻيو ڀاڱو اتر طرف، شهر جو ٽيون ڀاڱو اولهه طرف جنهن ۾ ڊرٻ محلو، تقي شاهه محلو، ڪچي آباد شامل آهن. جڏهن ته شهر جون چوٿون حصو ان چوڪ کان اوڀر طرف شيخ محلو، شاهي بازار، درگاهه صديقيه، هندو محلو، هيرآباد محلو، ريلوي لائين، باقر آباد وغيره شامل آهن. انگريزن جي دور ۾ 1887ع ۾ هن شهر ۾ پرائمري اسڪول جو بنياد پيو ۽ ساڳئي سال شهر کان ٻاهر ٿاڻو به ٺاهيو ويو. هن شهر جي ارد گرد ڳوٺن جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ چار ڪئنال وهن ٿا. جن ۾ (1) کيرٿر ڪئنال،(2) سيف الله مگسي برانچ، (3) شهدادڪوٽ برانچ ۽ (4) ڏاتي جي ڪور شامل آهن. مٿين ڪئنال مان هيٺيون شاخون نڪرن ٿيون: گل شاهه شاخ، ڀٽا مائينر، سونهارو ڊسٽري، ڪلهوڙا مائينر، ڊرگ مائينر، سنجر ڀٽي، مقصودو مائينر، مستوئي ڊسٽري، ٽانوري ڊسٽري، نور پور ڊسٽري، عيدن مائينر، مراد مائينر، چونڪي مائينر، چونڪي ڊسٽري، گنداخا ليفٽ ۽ رائيٽ، پتوجا ڊسٽري، قبو ڊسٽري، شهبيگ ڊسٽري، ربيع ڊسٽري، ڍوري ڊسٽري، شاهن مائينر، ميهل مائينر شامل آهن. 1922ع ۾ ريل جي پٽڙي وڇائي هن شهر کي سهوليت ڏني وئي. 1942ع ۾ ٻوڏ اچڻ سبب هي سمورو شهر پاڻيءَ هيٺ اچي ويو. جنهن سبب ڪيترو ئي جاني توڙي مالي نقصان ٿيو. 1948ع ۾ درياهه جو بند ٽٽو، ته وري هيءُ شهر پاڻيءَ جي لپيٽ هيٺ آيو. هيءُ شهر لاڙڪاڻي کان 51 ڪلو ميٽر ۽ قنبر کان 32 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي.
شهدادڪوٽ شهر هڪ واپاري شهر آهي. هن شهر ۾ اناج ۽ سبزيءَ جي وڏي منڊي آهي. هتان کان چانور، ڪڻڪ، چڻا، بصر ۽ ٽماٽو وغيره وڏي مقدار ۾ ٻاهر موڪليو وڃي ٿو. هن شهر ۾ هڪ پراڻي شاهي بازار آهي، جتي عام شين جا دڪان آهن. شهدادڪوٽ ۾ هٿ جو هنر به عام آهي. هن شهر ۾ اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڪوششن سان 1970ع ۾ ڪپڙي جي هڪ وڏي مل جو بنياد پيو، جيڪا مل 1988ع ۾ باقاعده شروع ڪئي وئي. هيءَ مل ان وقت اٽڪل 56 ڪروڙن روپين جي لاڳت سان ٺهي راس ٿي. هن مل ۾ اٽڪل 25000 اسپينڊل آهن جتي 3000 مزدورن جي ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي. بعد ۾ خسارو ڄاڻائي هيءَ مل پنجاب منتقل ڪئي وئي. هن شهر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترائي قديمي آثار موجود آهن. شهدادڪوٽ جي اولهه ڏکڻ ۾ بگو دڙو، بگي ڳوٺ، اولهه ۾ غفور شاهه جو دڙو، اتر ۾ سون ٿرڙو وغيره واقع آهن. جن جي ڪا کوٽائي وغيره ناهي ٿي. هن شهر ۾ سول ڪورٽ، پوليس اسٽيشن، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج، گرلز ڊگري ڪاليج کان سواءِ ڪيترائي هاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول آهن. هن شهر مان ڪيترائي سياستدان چونڊجي اسيمبلين ۾ آيا آهن. جن ۾ نواب محبوب علي خان مگسي صوبائي ميمبر 1970ع، نواب سيف الله مگسي، نوابزاده مير نادر مگسي، نوابزاده مير عامر خان مگسي، سلطان کهاوڙ، رئيس خدا ڏنو چانڊيو، محمد شاهد ڀٽو، رميش لال موٽواڻي، نور نبي جوڻيجو وغيره قابل ذڪر آهن. هن شهر جي سياسي، ادبي ۽ ديني شخصيتن ۾ مولانا غلام صديق شهدادڪوٽي، ميان ڏاتو کهاوڙ، قائم خان شيخ، وينا شرنگي، علي دوست صابر، گل محمد شاهه، زيب مگسي، عبدالله شاهه اطهر، ضمير کرل، سرائي قربان کهاوڙ، احمد علي صابر، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، علي احمد چانڊيو وغيره قابل ذڪر آهن. هن شهر ۾ چانڊيا، ٻرڙا، سيد، مگسي، شِيخ، چنا، ميمڻ ۽ هندو برادريءَ جون ڪيتريون ئي ذاتيون ر هن ٿيون.


لفظ شهدادڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو