اڳتي قدم

اڳتي قدم (رسالو): سنڌ جي مشھور شاعر شيخ اياز، شڪارپور شھر مان سال 1947ع ۾ هڪ ماهوار رسالو ”اڳتي قدمجاري ڪيو، جنھن ۾ هن ترقي پسند تحريڪ جي اثر هيٺ سنڌي ادب جو سگهارو تصور پيش ڪيو. ”اڳتي قدم“ جو پھريون پرچو آگسٽ 1947ع ۾ موتي پرنٽنگ پريس، ٺاٺارا محلي، شڪارپور مان ڇپجي پڌرو ٿيو هو. ”اڳتي قدم“ پھريون سنڌي رسالو هو، جو تعميري ۽ ترقي پسند ادب جي بنيادي نڪتي تي تنقيد ۽ تنقيد جي جديد قدرن کي نروار ڪيو. ان ۾ شامل شاعريءَ، ڪھاڻين ۽ ٻين لکڻين تي باقاعدي ايڊيٽر پاران تنقيدي راءِ ڏني ويندي هئي. ”اڳتي قدم“ جو ٻيو پرچو، سيپٽمبر 1947ع ۾ شايع ٿيو، جنھن ۾ ڪھاڻيون ۽ شاعري شامل هئي. ان جو ٽيون پرچو، آڪٽوبر 1947ع ۾ شايع ٿيو، جنھن ۾ پڻ ساڳئي انداز جو مواد شامل هو. ”اڳتي قدم“ رسالي جاري ڪرڻ وقت شيخ اياز جي عمر 24 ورهيه هئي. رسالي تي شيخ اياز جي قابليت ۽ صلاحيتن جي ڇاپ نمايان نظر اچي ٿي. ملڪ جي ورهاڱي ٻين اديبن وانگر شيخ اياز کي به متاثر ڪيو، سندس ساٿي ساڃھه وند هندو اديب ڀارت لڏي ويا، نتيجي طور ٻين اشاعتي ادارن وانگر هي رسالو ”اڳتي قدم“ به بند ٿي ويو. پر هن رسالي جي تخليقن جا سنڌي ادب تي تمام وڏا اثر رهيا آهن. ’اڳتي قدم‘ جي ٽنھي پرچن کي گڏي، ساڳئي نالي سان ڊيمي سائيز ڪتابي صورت ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب 2001ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن 192 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 60 رپيا رکي وئي آهي. آڪٽوبر 1970ع ۾ حيدرآباد مان مشھور اديب مدد علي سنڌيءَ پڻ ’اڳتي قدم‘ جي نالي سان رسالو جاري ڪيو، جنھن ۾ سوڀي گيانچنداڻي جي ڪھاڻي ’بچاءَ بند‘ شايع ٿي. مئي 1972ع کان اپريل 1973ع تائين ڪُل 12 شمارا شايع ڪيا. جنھن کان پوءِ ’اڳتي قدم‘ تي بندش پئي. منير ماڻڪ جي ادبي سڃاڻ پڻ ’اڳتي قدم‘ سان ٿي. سندس مشھور ڪھاڻي ’بگهڙن جي راڄ ۾‘ ماڻڪ جي نالي سان هن رسالي ۾ ڇپي.


لفظ اڳتي قدمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو