مؤمن بلو

مؤمن بلو

بلو مؤمن

بُلو، مؤمن:ليکڪ، استاد ۽ صحافي، مؤمن بُلو 22 جولاءِ 1967ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪوٽ بُلا، تعلقي پني عاقل (سکر) ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ورتائين ۽ ايليمينٽري تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀيلار ۾ پڙهيو،1981ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري ۾ داخلا ورتائين. ميٽرڪ سائنس جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ انٽرميڊئيٽ گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. اسڪول واري زماني کان وٺي کيس لکڻ ۽ پڙهڻ سان چاهه هو ۽ ڪاليج مئگزين ۾ سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ سندس ڪيترائي مضمون شايع ٿيا. ميٽرڪ جي پڙهائيءَ دوران ئي هن ايم. اي انگريزي ادب ۾ ڪرڻ جو سوچيو ۽ 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ بي. اي. آنرس ۾ داخلا ورتائين ۽ ايم. اي (انگريزي ادب) سٺن نمبرن ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ صحافت جي ميدان ۾ باضابطا طور پير پاتائين. ماهوار ”Newsline“, ”Viewpoint“ ۽ ”The Friday Times“ جهڙن نامور ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جي تجربي جي آڌار تي تحقيق طرف سندس دلچسپي رهي ۽ صحافت جي ميدان ۾ نالو ڪڍيائين. سنڌ جي انتظامي تاريخ متعلق سندس ڪتاب ”چارلس نيپئر کان محمد ميان سومري تائين“ (سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾) سندس اعليٰ ذهانت جو ثبوت آهي. هو حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ انگريزي رسالي The Reporter جو ايڊيٽر ۽ پبلشر پڻ هو. هو ساڳئي وقت سچل سرمست آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج، تلڪ چاڙهي حيدرآباد ۾ انگريزيءَ جو استاد به هو. هن سنڌ جي مختلف ضلعن جهڙوڪ حيدرآباد، مٽياري، سکر، بدين، نوشهروفيروز، جيڪب آباد بابت انتهائي خوبصورت تصويرن سان تاريخي ڪتاب شايع ڪرايا. مومن بلو 3 نومبر 2015ع تي حيدرآباد ۾ برين ٽيومر ۾ گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.07.22  عيسوي

مؤمن بلو 22 جولاءِ 1967ع تي ڳوٺ ڪوٽ بُلا، (سکر) ۾ جنم ورتو.


2015.11.29  عيسوي

مومن بلو 3 نومبر 2015ع تي حيدرآباد ۾ برين ٽيومر ۾ گذاري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غنويٰ ڀٽو
دادي ليلاوتي هرچنداڻي
سيد ويڌل شاهه موسوي
ٻيڙيءَ وارو سنت
جهولڻ شاهه
انيلا ابڙو 2
ظهور خان ڀوپنگ نواز
سومر مرکنڊ
حسين بخش وڳڻ
آفتاب شعبان ميراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون