تاج صحرائي

تاج صحرائي

تاج صحرائي

تاج صحرائي: سنڌ جي مشھور اديب، شاعر، قديم آثارن جي عالم ۽ محقق، تاج صحرائيءَ جو اصل نالو تاج محمد ولد نور محمد ميمڻ آهي. هن 11 سيپٽمبر 1921ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ دادو ضلعن جي مختلف اسڪولن مان حاصل ڪئي. بي. اي ۽ بي. ٽي جا امتحان ڪراچيءَ مان پاس ڪيا. 1948ع کان دادوءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. هن 1940ع کان سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتو. 1942ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار واري وقت ۾ شاگردن جو جٿو وٺي اتي وڃي ڏڪار متاثرن جي مالي ۽ عملي مدد ڪئي. هن آزاديءَ واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ 10آگسٽ کان 26 ڊسمبر 1947ع تائين دهليءَ جي جيل ۾ قيد رهيو. 1952ع ۾ دادوءَ ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول قائم ڪيو، جنھن جو باني هيڊ ماستر رهيو. 1964ع کان قلندر لعل شھباز ميلا ڪمٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو. هن 1968ع ۾ دادو شھر ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي پبلڪ لائبرري قائم ڪئي. مارچ 1971ع کان جون 1972ع تائين سنڌ ميوزم حيدرآباد جو پھريون اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رهيو. مارچ 1975ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيل ”سنڌ صدين کان“ سيمينار ۾ حصو ورتو. 1977ع ۾ ٽرپوليءَ ۾ دنيا جي اُستادن جي ميڙ ۾ پاڪستان سرڪار جي واحد نمائندي طور شريڪ ٿيو. هن جي ڪوششن سان ئي سنڌ جي مختلف ضلعن اندر ”هسٽاريڪل سوسائٽيون“ ٺھيون. 1981ع ۾ ”رني ڪوٽ“ سيمينار جو آرگنائيزر مقرر ٿيو ۽ هڪ شاندار سيمينار ڪرايو. 1981ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيو. هُو سنڌ ۾ کاٻي ڌر جو سڄاڻ ليکڪ ۽ ڪارڪن سمجهيو ويندو هو. تاج صحرائي سنڌ جي قديم تھذيب تي ”سنڌو تھذيب“ (1989ع) نالي سان هڪ شاهڪار ڪتاب لکيو. ان کان سواءِ سندس ڪيترا مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾: ”سُر سارنگ“ (مقالو)، ”پڻي لوڪ“ (مقالو/ ليڪچر: 1996ع)، ”دادو ضلعو- جاگرافيءَ ۽ تاريخ جي آئيني ۾“، ”کيرٿر جبل“، ”گورک چوٽي“ (مقالو/ ليڪچر: 1997ع)، ڪتاب “Lake Manchar” (1997ع) ۽ ”نيڻين ننڊ اکوڙ“ (شاهه لطيف بابت مضمونن جو ڪتاب: 2001ع) قابلِ ذڪر آهن. کيس پاڪستان سرڪار طرفان ”تمغهءِ حسن ڪارڪردگي“ ۽ ٻيا اعزاز به مليا. زندگيءَ جي آخري سال ۾ کيس ”شھباز ايوارڊ“ پڻ مليو. هن دادوءَ ۾ پنھنجي رهائش واري جڳت آباد پاڙي ۾ ذاتي لائبريري به قائم ڪئي. 28 آڪٽوبر 2002ع تي وفات ڪئي. تاج صحرائي لائبريري دادو: سنڌ جي نامور شاعر، اديب، محقق، تاريخدان ۽ قديم آثارن جي ماهر تاج صحرائيءَ دادوءَ ۾ پنھنجي ايامڪاريءَ دؤران مطالعي لاءِ هڪ ذاتي لائبريري قائم ڪئي هئي. هن لائبريريءَ ۾ سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي زبان ۾ تاريخ، جاگرافي، سائنس، مذهب، نصاب ۽ مختلف موضوعن تي رسالا، جريده، اخبارون ۽ هزارين ڪتاب موجود هئا. سندس وفات بعد ڪتابن جو ڪافي ذخيرو ضايع ٿي ويو.


لفظ تاج صحرائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.09.11  عيسوي

تاج صحرائيء 11 سيپٽمبر 1921ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو


2002.10.28  عيسوي

تاج صحرائي 28 آڪٽوبر 2002ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليفو محمد صالح بائجوي
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
خيرو اوٺوال
پيرزادو عبدالمجيب
چندر پٽ سيلائج
دلاور خانجي
تبريزي شمس الدين
الهه بخش نظاماڻي
راهو علي محمد
ديندار خان بخاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون