خانڻ چنجڻي

خانڻ چنجڻي: عوامي شاعر حاجي خان محمد عرف حاجي خانڻ چنجڻي، ڳوٺ ميانداد چنجڻي، لڳ نصير آباد، تعلقي نصيرآباد، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ جو ويٺل هو. 8 آڪٽوبر 1831ع ۾ ميان دوست محمد چنجڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتائين. حاجي خانڻ جو والد پنهنجي ڳوٺ جو چڱو مڙس هو. ميان دوست محمد خان فارسي پڙهيل هو، جنهنڪري پنهنجي پٽ خانڻ کي به ڳوٺاڻي مدرسي ۾ ويهاريائين. هن مولانا نور محمد ميمڻ ۽ مولانا غلام صديق شهدادڪوٽيءَ کان تعليم ورتي. فارسيءَ جي تحصيل بعد کيس عربي تعليم لاءِ، ضلعي جي ٻئي ڪنهن مدرسي ڏانهن وڃڻو هو، پر والد جي وفات بعد اهو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيائين. سندس اوطاق تي روزانو سگهڙن ۽ راڳيندڙن جون ڪچهريون ٿينديون هيون. اهو ئي سبب هو، جو حاجي خانڻ کي ڳائڻ وڄائڻ گهڻو وڻندو هو. شعر چوڻ جي ابتدا انهن ڪچهرين دوران ڪيائين ۽ سندس شوق وڌي وڻ ٿيو.
حاجي خانڻ جي ڪلام ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ جو عمدو نقشو چٽيل آهي. راڳ سندس مشغلو بنجي ويو. ڪچهرين ۾ سندس همعصر شاعر رستم لغاري، عثمان سانگي، ڇتو فقير سانگي ۽ طورپيي وسڻ جون ڪافيون به هلنديون هيون، پر حاجي خانڻ جي ڪافين کي وڏي اهميت حاصل هئي. هن سنڌيءَ سان گڏ سرائيڪيءَ ۾ به ڪافي ڪلام چيو آهي. حاجي خانڻ چنجڻيءَ جو ڪلام سنڌ جي نامور محقق ۽ لوڪ ادب جي ڄاڻو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ’ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي‘ جي نالي سان ترتيب ڏنو، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ، 1986ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. حاجي خانڻ چنجڻيءَ 76 سالن جي ڄمار ۾ 2 جنوري 1907ع تي وفات ڪئي.


لفظ خانڻ چنجڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1831.10.08  عيسوي

عوامي شاعر حاجي خان محمد عرف حاجي خانڻ چنجڻي، ڳوٺ ميانداد چنجڻي، لڳ نصير آباد، تعلقي نصيرآباد، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ جو ويٺل هو. 8 آڪٽوبر 1831ع ۾ ميان دوست محمد چنجڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتائين.


1907.01.02  عيسوي

حاجي خانڻ چنجڻيءَ 76 سالن جي ڄمار ۾ 2 جنوري 1907ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خطائي ٿيٻو
داغ ٽکڙائي
بلبل کورواهي
عباسي نور محمد نور
سيد رحمت الله بکري
سيد فاضل شاهه فاضل
سيد علي شاهه
ڀون سنڌي
جويو خاڪي
راج راڄپر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون