سيال احمد خان

سيال، احمد خان: نامياري اديب ۽ تعليمدان احمد خان ولد محراب خان سيال، 15 سيپٽمبر 1930ع تي ڳوٺ گنجا، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول ٺوڙها، تعلقي ميهڙ مان ڪئي، مئٽرڪ 1955ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ مان ڪيائين ۽ 1957ع ۾ هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. ان کان سواءِ هاءِ اسڪول ميهڙ جي هاسٽل جو انچارج به ٿي رهيو، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ شاگرد رهندا هئا. احمد خان سيال ڳوٺ ٿرڙي محبت، ٻٽ سرائي، ميهڙ، راڌڻ، ڦلجي اسٽيشن ۽ ڪڪڙ جي اسڪولن ۾ استاديءَ جا فرض پنهنجي قابليت ۽ محنت سان سر انجام ڏنا، نوڪريءَ دوران 1962ع ۾بي. اي، 1964ع ۾ ايم. اي ۽ 1969ع ۾ بي. ٽي پاس ڪيائين. ان دوران آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائيءَ کان عربي ۽ فارسيءَ جي به ڄاڻ حاصل ڪيائين. آخوند صاحب جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو ۽ کيس سڀني استادن ۾ اعلى حيثيت ڏيندو هو.
احمد خان سيال، جمعه خان ’غريب‘ ۽ رئيس ضياءُ الدين ’بلبل‘ جي صحبت ۾ ادبي ميدان ۾ قدم رکيو. 1952ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين، شاعري ۽ علم عروض جو ڄاڻو هو، پر سندس گھڻو لاڙو نثر نويسيءَ ڏانهن هو، ڪيترن موضوعن تي مضمون ۽ مقالا لکيائين، جيڪي وقت بوقت ماهوار رسالن: ’اديب سنڌ‘، ’نئين زندگي‘ وغيره رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. ميهڙ مان جاري ٿيندڙ هفتيوار اخبار ’فيض‘ جو ڪالم نويس به رهيو، جنهن سلسلي ۾ اصلاحي، مزاحيه، طنزيه ۽ تنقيدي ڪالم لکيائين. ادبي ميدان ۾ شمس الدين ’بلبل‘ کان بيحد متاثر هو ۽ ان جي شخصيت جو مٿس گهرو اثر هو. سنڌ سڌار سوسائٽيءَ جي گڏجاڻين توڙي ’جميعت الشعراءَ‘ جي ادبي ڪانفرنسن ۾ حصو وٺندو هو. احمد خان سيال 20 نومبر 1983ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.09.15  عيسوي

نامياري اديب ۽ تعليمدان احمد خان ولد محراب خان سيال، 15 سيپٽمبر 1930ع تي ڳوٺ گنجا، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


1983.11.20  عيسوي

احمد خان سيال 20 نومبر 1983ع تي وفات ڪري ويو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ليلارام رچنداڻي
داد محمد خادم بروهي ڊاڪٽر
زرداري ڊاڪٽر محمد لائق
پٺاڻ نثار احمد
شان الحق حقي
رانٽو عبدالقادر
چانڊيو منير2
حمـيـد سـنڌي
ساگر ڏهراج
ٺاڪر چاولا
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون