پلي خليفو محمد امين درس

پلي، خليفو محمد امين ’درس‘: شاعر ۽ محقق محمد امين پليءَ جو اصل نالو محمد قابل پلي هو. هن 9 سيپٽمبر 1907ع تي خليفي محمد ڇٽل جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍي عمر ۾ ئي والد وفات ڪري ويس، ان ڪري هڪ ايمي قرآن مجيد ۽ پنج سبق سنڌي ٻاراڻي کان وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. ننڍپڻ کان ئي کيس ميلا ملاکڙا گهمڻ ۽ نڙائي، سرندائي، ڪافين ۽ يڪتاري وارا ڳائڻا ٻڌڻ جو شوق هو. جوانيءَ ۾ کيس هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جو پڙهڻ جو ارادو ڪيائين. اول سنڌي خوب پڙهيائين ۽ پوءِ اردو پڙهڻ به سکي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن سنڌي ۽ اردو لکڻ ۽ پڙهڻ جي قابل ٿيو ته شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين. هو شاعريءَ ۾ وقت جي وڏن عالمن ۽ شاعرن- محمد هاشم ’مخلص‘، ’خليق‘ مورائي، نور محمد نظاماڻي ۽ مولانا ’وفائيءَ‘ کان ٽپال رستي اصلاح وٺندو هو. شاعريءَ ۾ تخلص ’درس‘ استعمال ڪيائين ۽ سندس ڪنيت ’ابو شير‘ هئي. ان وقت ملڪي سياست ۾ به ڪجهه وقت لاءِ بهرو ورتائين. سرڪار کيس بينچ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو. خليفو صاحب تاريخ جو عالم هو ۽ اسلامي تاريخ بابت کيس وڏي معلومات هئي. وٽس هڪ وڏي لائبرري هئي، جيڪا اڄ به موجود آهي، ۽ ان ۾ ڪيترا ناياب ڪتاب آهن. سنڌ جا ڪيترا محقق سندس لائبريريءَ مان فائدو وٺندا رهيا آهن. خليفي محمد امين درس جا هيٺيان ڪتاب لکيل آهن:
(1)’ديوان درس‘ (ڪلام جو مڪمل بياض)، (2) ’فرس نامو‘ (گهوڙن جي شناخت ۽ علاج بابت نظم)، (3) ’فتح نامو اسلام‘ (جنهن ۾ حضور پاڪ صه جي هجرت کان وٺي جنگ بدر، احد، خندق، واقع بيرالالم، شهادت ابن خباب تائين رزميه ڪلام شامل آهي)، (4) ’واقعات عالم‘ (جنهن ۾ قديم دور جا عجيب واقعا لکيل آهن)، (5) ’حيات جمال الدين‘، (6) ’سوزِ سسئي‘ (خليفي نبي بخش جي طرز تي لکيل)، (7) ’اخلاق پسنديده‘ (نصيحت آميز نڪتا)، (8) ’يادگيريون‘ (پنهنجون ۽ تر جي نامور ماڻهن جون يادگيريون)، (9) ’چوڪون ۽ چهنڊڙيون‘، (10) ’خلفاءِ غوثيه‘، (11) ’پلـي ذات جـو اصل نسل‘، (12) ’شاهنـامه اسلام‘ (منظوم سنڌي ترجمو)، (13) ’هـاشمـي مهاجر‘، (14) ’انشاءِ درس‘ (خط). سندس هڪ ڪتاب ’خلفاءِ غوثيه‘ وڌيڪ مشهور آهي.
خليفي محمد امين درس، 4 نومبر 1957ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1907.09.09  عيسوي

شاعر ۽ محقق محمد امين پليءَ جو اصل نالو محمد قابل پلي هو. هن 9 سيپٽمبر 1907ع تي خليفي محمد ڇٽل جي گهر ۾ جنم ورتو.


1957.11.04  عيسوي

خليفي محمد امين درس، 4 نومبر 1957ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فقير قربان لنجواڻي آزاد
علڻ الستي
اصغر نديم سيد
رضوي ميون شاهه عنات
چغدو حاجي شير محمد ’شيرل‘
شير محمد شيرل
آسي زميني
شتروگن جسواڻي
سحر امداد حُسيني ڊاڪٽر
ثناءُ الله ثنائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون