آسوندرو

آسوندرو: وڻ تي چڙهندڙ هڪ ول، هيءَ ول ڄارين ۽ ڪنڊين جي ٿڙ وٽان اڀري، انهن ئي وڻن تي چڙهي ويندي آهي. ٻيون وليون، سياري اونهاري سڙيو وڃن، پر هن جو ٿڙ ۽ ٽاريون هميشه سايون رهنديون آهن، جيڪي برسات پوڻ بعد پن ڪڍي، وڻن کي ڀري ڇڏينديون آهن. هن ول جو ٿڙ ورن وڪڙن سان هوندو آهي، جيڪو وڻن کي ويڙهيو پيو هوندو آهي. هن ول جا پن وڏا ۽ سائي رنگ جا ٿيندا آهن. منجهس ڪو ڪمائتو، ڦل ڪو نه ٿئي. جانورن ۾ اٺ ۽ ٻڪريون هي ول کائين ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو