سُوئيو

سُوئيو: سوئيو، سوئا جي قسم جي هڪ ول آهي، جيڪا ٿر ۾ ٿيندي آهي. هن جي ڳنڍ زمين اندر ٿيندي آهي ۽ مٿان ڏانڊي وڻن ۽ ٻوٽن مٿان چڙهندي ويندي آهي. ان جا پن سنها، ڊگهيرا ۽ نوڪدار ٿين ٿا. سوئيي جي ڳنڍ کي زمين مان ڪڍي، ڌوئي، صاف ڪري کائبو آهي. هيءَ ول چوپايو مال به کائيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو