بانس جي ڪاٺي

بانس جي ڪاٺي

بانس

بانسُ: هڪ قسم جو وڻ، جنهن جون ڪاٺيون ڊگهيون، پوريون ۽ ڳُريدار ٿين. هن وڻ جون ڪاٺيون اڏاوت ۽ ڪاغذ ٺاهڻ ۾ ڪم اينديون آهن. هيءُ گرم ۽ معتدل ملڪن ۾ سامونڊي ساحل کان وٺي جابلو علائقن ۾ پيدا ٿئي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن وڻ جي ڊيگهه 80 ميٽر ۽ ٿولهه هڪ فوٽ تائين ٿيندي آهي. بانس جي ڪاٺي مڙندڙ، مضبوط ۽ جهالو به آهي، ان جو رس ۽ پن دواسازيءَ جي ڪم ۾ ايندا آهن. بانس جا گهاٽا ٻيلا ٿيندا آهن. ڊگهي ۾ ڊگهو بانس 120 فوٽ اُوچو ٿئي ٿو. بانس مان گهر جوڙيا ويندا آهن ۽ فرنيچر ٺاهيو ويندو آهي. هن وقت سنڌ ۾ ڪافي هنڌن تي بانس جي تجرباتي طور پوک ٿئي ٿي. بانس بنگلاديش ۾ عام ٿئي ٿو.


لفظ بانسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو