عارباڻي

عارباڻي: ذات يا پاڙو، جيڪو ڪيترن ئي قبيلن ۾ آهي، جهڙوڪ: (1) بڙدين، مغيرن ۽ ڪٽوهرن جو هڪ پاڙو آهي. (2) جامع سنڌي لغات ۾ جتوئين جا 14 پاڙا لکيل آهن، جن مان هڪي پاڙي جو نالو عارباڻي لکيل آهي، (3) راءِ بهادر هتو رام لکيو آهي ‘عارباڻي’ سبزوئي بروهين جو هڪ پاڙو آهي ۽ (4) ٿاڻي عارب خان ۾ رهندڙ براهماڻي قبيلي جي هڪ پاڙي جو نالو پڻ ‘عارباڻي’ آهي. سنڌ جو ناليوارو آرٽسٽ، مزاحيه اداڪار ۽ گائڪ عاشق عارباڻي پڻ عارباڻي پاڙي سان تعلق رکي ٿو.


لفظ عارباڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو