خروشچيف

خروشچيف (Khrushchev, Nikita): روس جي ناليواري سياسي اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پهرئين سيڪريٽري خروشچيف جو پورو نالو خروشچيف نڪيتا آهي. هن 15 اپريل 1894ع تي ڏکڻ اولهه روس جي هڪ ننڍي ڳوٺ ڪالينوفڪا جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو هو. خروشچيف پنهنجي هم منصب جوزف اسٽالن تي تنقيد ڪرڻ ۽ غير ڪميونسٽ رياستن سان امن امان سان رهڻ جي ڪوششن جي ڪري شهرت ماڻي. خروشچيف جو ڏاڏو زرعي غلام هو ۽ سندس والد به هاري هو. جنهن زندگيءَ جو گهڻو حصو کاڻين ۾ ڪم ڪندي گذاريو. خروشيف پنهنجي تعليم، باقاعدگيءَ سان حاصل نه ڪئي. اسڪول ڇڏڻ ۽ ڳئن چارڻ کانپوءِ هن موجوده يوڪرين جي علائقي ۾ کاڻين ۾ پائيپ لڳائڻ جو ڪم ڪيو. 1918ع ۾ روسي ڪميونسٽ پارٽي (بالشويڪ) ۾ شامل ٿيو ۽ روسي گهرو ويڙهه (21-1918ع) دوران سرخ فوج ۾ جونيئر پوليٽڪل آفيسر رهيو. 1929ع ۾ خروشيف، اسٽالن انڊسٽريل اڪيڊميءَ ۾ داخلا وٺڻ ماسڪو ويو، جتي جلد ئي اڪيڊميءَ جي ڪميونسٽ جماعت جو اڳواڻ بڻيو. 1931ع ڌاري ماسڪو ۾ هن جماعت جي سيڪريٽريءَ جو عهدو به سنڀاليو.
1935ع ۾ هو يوڪرين ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو پهريون سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ ٻئي سال پولٽ بيورو جو ميمبر بڻيو. مهاڀاري لڙائيءَ دوران کيس فوجي آفيسرن جي کاڌ خوراڪ ۽ صحت وغيره جو نگران مقرر ڪيو ويو، جتان ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تائين وڃي پهتو.
پنهنجي ابتدائي ڪيريئر ۾ اسٽالن جي وڏي حامي هئڻ ڪري 1949ع ڌاري هو سي. پي. ايس. يو جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ 1953ع ۾ اسٽالن جي مرڻ سان هن جماعت جو اڳواڻ مقرر ٿيو. اسٽالن جي پاليسين سبب سويت يونين کي ڪيترا ئي مسئلا درپيش آيا، جن کي حل ڪرڻ لاءِ هن نئين پاليسي اختيار ڪئي. ان پاليسيءَ هيٺ هن ماڻهن جي زندگيءَ جي معيار بلند ڪرڻ، ملڪي صنعت ۽ زراعت تي ڌيان ڏيڻ ۽ هارين جي زندگين کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. هن عام ماڻهن کي ثقافتي ۽ عملي زندگيءَ ۾ وڌيڪ آزادي ڏني. هن اهو سڄو ڪم اسٽالن جي اثر کي دور ڪرڻ لاءِ ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو عوام جي خلاف دهشت پسند ڪارروايون ختم ٿي ويون. ان هوندي به ڪميونسٽ پارٽيءَ جي بالادستي قائم رهي. مئي 1957ع ۾ هن زرعي پيداوار ۾ آمريڪا کان گوءِ کڻڻ لاءِ مهم شروع ڪئي، جنهن ۾ هو 1961ع ڌاري ڪامياب ٿيو. خروشچيف جي ڪجهه مخالفن ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي کيس هٽائڻ جون سازشون ڪيون. خروشچيف وطن واپس اچي انهن مان ڪيترن ئي مخالفن کي پارٽيءَ جي عهدن تان فارغ ڪيو ۽ پارٽيءَ جا اختيار خود سنڀاليا. هي روس خلائي پروگرام جو به وڏو حامي هو. 1957ع ڌاري روس Sputnick-I نالي هڪ مصنوعي سيارو خلا ۾ موڪليو. خروشچيف حڪومت دوران روس جا مغرب سان بهترين لاڳاپا قائم ٿيا. هي بنا جنگ جي ڪميونزم کي سرمائيداري نظام (Capitalism) کان بهتر نظام ثابت ڪرڻ جو حامي هو. انهي نظريي جي بنياد تي هن يو. ايس. ايس. آر کي چيني عسڪريت پسند قوتن کان دور رکيو.
خروشچيف ڪيترن ئي مغربي ملڪن جا دورا ڪيا ۽ اعليٰ قسم جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيو. 1958ع ڌاري هن سڄي برلن کي اوڀر جرمنيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي گهُر ڪئي، پر ائين نه ٿي سگهيو. ان کانپوءِ هن 1961ع ڌاري ديوار برلن جي تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي.
1962ع ۾ هن دنيا جي ڪجهه ملڪن کي ڪيوباڪو نيوڪليئر ميزائيل ڏيڻ شروع ڪيا، جنهنڪري دنيا ٽين عالمي جنگ جي موڙ تي اچي بيٺي. هن جيڪي مقصد آڏو رکيا هئا، سي کانئس پورا نه ٿي سگهيا، جنهنڪري 1964ع ۾ گهڻا روسي اعليٰ عهديدار کانئس پري ٿي چڪا هئا. آڪٽوبر 1964ع ۾ موڪلون گذارڻ لاءِ جڏهن هو ڪريميا ۾ هو ته سندس پٺيان هن جي مخالفن کيس رياستي ۽ پارٽي عهدن تان هٽائي ڇڏيو.
خروشچيف، 11 سيپٽمبر 1971ع تي وفات ڪئي. جيتوڻيڪ هو پنهنجو مقصد حاصل نه ڪري سگهيو، پر پوءِ به سويت نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ سندس ڪوششن کي وساري نٿو سگهجي.


لفظ خروشچيفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1894.04.15  عيسوي

روس جي ناليواري سياسي اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پهرئين سيڪريٽري خروشچيف جو پورو نالو خروشچيف نڪيتا آهي. هن 15 اپريل 1894ع تي ڏکڻ اولهه روس جي هڪ ننڍي ڳوٺ ڪالينوفڪا جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو هو.


1971.09.11  عيسوي

خروشچيف، 11 سيپٽمبر 1971ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالڪريم بوبڪائي مخدوم
پريمچند ڪيولرام شهاڻي
ريحانه
رستم ۽ سهراب1
سليمان قاضي ڊاڪٽر
جسو ۽ جسراج
آڍو خان جتوئي
سيد محمد مبارڪ شاهه جيلاني ثاني
جهنڊو پاتڻي
وڪرم شهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون