دوداڻي

دوداڻي (ذات): دوداڻي سنڌ ۾ هندو توڙي مسلمانن جي هڪ ذات آهي. هندن جي ذات وارا ’هرجپال‘ نک سان واسطو رکن ٿا. سندن مکيه آبادي لاڙڪاڻي، قنبر، وارهه، نصير آباد ۽ حيدرآباد ۾ رهندي هئي. مشهور تاريخدان ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ جي لکت موجب دوداڻي اصل پنجاب کان آيا هئا، سندن وڏو ڏاڏو دودا سنگهه ’سردار دودا سنگهه‘ سڏبو هو ۽ پنجاب جي مهاراجا رڻجيت سنگهه جو ويجهو عزيز هو. ٻنهي عزيزن جي وچ ۾ اڻبڻت کان پوءِ سردار دودا سنگهه پنجاب ڇڏي، پنهنجن چئن پٽن سميت لاڙڪاڻي، سنڌ ۾ اچي رهيو. سنڌ ۾ اچڻ بعد دودا سنگهه جي پٽن وچ ۾ اهو سوال پيدا ٿيو ته خالصو ٿي رهجي يا مونو ٿي؟ انهيءَ ڳالهه تان ڀائرن جو پاڻ ۾ ايترو تضاد ٿيو، جو هڪ ٻئي کان ڌار ٿيا! هڪڙو ڀاءُ لاڙڪاڻي ۾ وڃي رهيو. ٻيو قنبر طرف عيسى جي ڳوٺ ۾ گهر ڪري وڃي ويٺو، ٽيون تعلقي نصيرآباد لڏي آيو ۽ چوٿون حيدرآباد هليو ويو. انهن سڀني هنڌن تي سندن اولاد رهندو هو ۽ سڀ ’دوداڻي‘ سڏبا هئا. مشهور اديب نرنجن دوداڻي آمريڪا ۾ رهي ٿو. سنڌي مسلمانن ۾ به دوداڻي نک يا پاڙو آهي.


لفظ دوداڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو