سانا

سانا

سانا

سانا (SANA): اُتر آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي هڪ سماجي تنظيم، جنهن جو مقصد دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ جي سنڌين کي متحد ڪري، سندن تاريخ، ادب، رسم رواج، تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي بابت ڄاڻ ڏئي ويڇا ختم ڪرائي، سنڌين کي هڪ خوشحال، خودڪفيل ۽ مضبوط قوم بنائڻ آهي. سانا (SANA) سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جو مرڪز (Focus) نه صرف سنڌي برادريءَ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حقن جي حفاظت آهي، پر سندن تهذيب، ٻوليءَ ۽ تشخص بر قرار رکڻ لاءِ پڻ جاکوڙڻ آهي. سانا (SANA) جي قائم ٿيڻ پٺيان اهم محرڪ صدر ضياءُ الحق جو سنڌين سان امتيازي سلوڪ هو. سانا جي تنظيم سازيءَ ۾ جن شروعاتي قدم کنيا ۽ پهرين ڪميٽي ٺاهي، تن ۾ ڊاڪٽر الطاف ميمڻ (پينسلوانيا آمريڪا)، ڊاڪٽر جاويد لغاري (نيويارڪ)، ڊاڪٽر آفتاب قاضي (واشنگٽن ڊي سي) ۽ ڪئنيڊا ۾ رهندڙ مسٽر انور ميمڻ شامل هئا. 1984ع ۾ گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ سانا جو مسودو (SANA CHAPTER) لکيو ويو، جنهن ۾ ان جا قائدا ۽ قانون ڏنا ويا. چارٽر تيار ٿيڻ کانپوءِ اُتر آمريڪا ۾ رهندڙ 80 سنڌي خاندانن کي سانا جي ميمبرشپ جا فارم موڪلي، کين سانا جي ميمبرشپ ڏني وئي. سانا جي تنظيم کي فعال بنائڻ لاءِ ان جي هڪ ’انٽيريم ايگزيڪيوٽو ڪميٽي‘ (Interim Executive Committee) ٺاهي وئي، جنهن جو خالد هاشماڻي (صدر) نرنجن دوداڻي (نائب صدر)، نذير مغل (جنرل سيڪريٽري) مقرر ڪيا ويا. 31 مارچ 1985ع تي SANA جي شروعاتي 25 چارٽرڊ ميمبرن ۾ گل آغـا، الـطـاف ميـمـڻ، اسرار انصاري، نرنجن دوداڻي ۽ خالد هاشماڻيءَ کانسواءِ عسڪر قلباڻي، مشتاق ڪلوڙ، شهزاد قاضي، نسرين قاضي، عنايت الله ڪاٺيو، جاويد لغاري، شنڪر لکواڻي، رزاق ميمڻ، بشير ميمڻ، صفيه محمد علي، آفتاب مفتي، ميرچند اوڏ، نثار علي شاهه، آفتاب شيخ، ساجد شيخ، اقبال ترين ۽ سليم وفائي شامل هئا.
سانا (SANA) جي جنرل باڊيءَ جي پهرين گڏجاڻي رڪولي مئريلينڊ، آمريڪا ۾ آگسٽ 1985ع ۾ هڪ عام هوٽل ۾ ٿي، جتي مهمانن لاءِ رات جي مانيءَ جو بندوبست ڪيو ويو. هن گڏجاڻيءَ جو اهتمام سجاد آخوند ۽ صفيه محمد عليءَ ڪيو. هن گڏجاڻيءَ ۾ جنوري 1985ع کان ٻن سالن جي مدي لاءِ هڪ ٻي انٽيريم ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آيو ۽ ان کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ڪميٽيون ٺاهيون ويون، جن ۾ ميمبرشپ ڪميٽيءَ ۾ ارشاد قاضي، ظهور صديقي ۽ روشن شيخ، سوشل ائنڊ ڪلچرل ڪميٽيءَ ۾ ارشاد الطاف شيخ، رزاق ميمڻ، روشن شيخ، فنڊ گڏ ڪرڻ واري ڪميٽيءَ ۾ علي نواز ميمڻ، لطيف لغاري ۽ عنايت ڪاٺيو رکيا ويا. هن گڏجاڻيءَ ۾ رات جي مانيءَ کانپوءِ علي نواز ميمڻ جي رهائشگاهه تي سنڌي شام ملهائي وئي، جنهن ۾ سنڌي ڪلام، ناچ ۽ ڪچهريءَ جو بندوبست ڪيو ويو. ’هو جمالو‘ ۽ ’ننگڙا نماڻيندا، جيوين تيوين پالڻا‘ جهڙا ٺيٺ سنڌي گيت ڳاتا ويا. سانا (SANA) جي ٻي گڏجاڻي نياگرا فالس (آبشار)/ بفئلو ايريا، آمريڪا ۾ 4 ۽ 5 جولاءِ 1986ع تي ٿي، جنهن ۾ سانا جي ميمبر ڊاڪٽر فيروز احمد ڳالهائيندي چيو ته اُتر آمريڪي سنڌي پنهنجي اصل جنم ڀوميءَ سنڌ ۾ آباد ڀائرن جي ڪهڙي طرح مدد ڪري سگهن ٿا؟ سانا جي ابتدائي سالن ۾ سنڌي مدبرن، سياستدانن، سماجي ڪارڪنن، قومپرستن ۽ سرند ڌرين، چندا گڏ ڪري تنظيم کي مضبوط بڻايو. سانا جي ميمبرن جي اها ڪوشش رهي آهي ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آباد سنڌين کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪري کين حقن جي آگاهي ڏئي، سندن تهذيبي ورثي کي بچائجي ۽ هنن ۾ هر قسم جي هم آهنگي پيدا ڪجي. ان سلسلي ۾ 1986ع ڌاري سانا ’سنگت‘ نالي هڪ رسالو شايع ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ ۾ موجود توانائيءَ جي ذخيرن جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ غريب سنڌين جي محنت تي وفاق جي ڌاڙي خلاف سڄاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ مضمون ڇپيا ويا. سانا جي ٽين سالياني گڏجاڻي، 4 جولاءِ 1987ع تي پيٽرسبرگ، آمريڪا ۾ ٿي. هن گڏجاڻيءَ جو ڪوآرڊينيٽر شنڪر لکواڻي هو. هن موقعي تي سنڌي گيت ۽ ناچ پيش ڪيو ويو. ان کان سواءِ 2300/= آمريڪي ڊالرن جو فنڊ ڪٺو ڪيو ويو، جنهن ۾ 500 آمريڪي ڊالر سليم عرساڻيءَ ڏنا.
88-1987ع جي دور ۾ سڄي سنڌ، فسادن، افراتفري ۽ لاقانونيت جي ور چڙهيل هئي، خاص طور ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ بدامني وڌي وئي هئي. سنڌ ۾ فساد پيدا ڪندڙ عنصرن جي سانا مذمت ڪئي ۽ نان الائيڊ مومينٽ ‘NAM’ جي آرگنائيزيشن تي زور وڌو ته اها پاڪستان تي زور وجهي سنڌ ۾ انساني ڪوس بند ڪرائي. سانا جي چوٿين سالياني گڏجاڻي 25، 26، جون 1988ع ۾ نيويارڪ آمريڪا ۾ ٿي، جنهن جي صدارت بدر شيخ ڪئي. ان گڏجاڻيءَ ۾ دنيا جي ڪيترن ملڪن: آمريڪا، برطانيا، هندستان، پاڪستان، ملائيشيا، سينگاپور وغيره مان سنڌي وفد شرڪت ڪرڻ آيا. هن گڏجاڻيءَ جي گفتگو جو مرڪز سنڌي ٻولي پروجيڪٽ، سنڌالاجي ۽ سنڌ يونيورسٽي رهيا. هن گڏجاڻيءَ ۾ سانا طرفان 500/= آمريڪي ڊالرن جي گرانٽ ڊاڪٽر آفتاب کي ڏني وئي، جنهن ‘The Sindh Journal of Asian & African Affairs’ نالي رسالو شروع ڪيو. ان کانسواءِ 500/= آمريڪي ڊالرن جي گرانٽ اعجاز سنڌيءَ کي به ڏني وئي، جنهن نيويارڪ مان ’ساڻيهه‘ نالي سنڌي رسالي جي شروعات ڪئي. سانا (SANA) جي ان گڏجاڻيءَ ۾ پروفيسر غلام مصطفى شاهه، حفيظ پيرزادو، مخدوم خليق الزمان ۽ ڊاڪٽر خالد لغاري شامل هئا. حفيظ پيرزادي پاڪستان ۾ نئين وفاقي آئين تي زور ڏنو، جنهن موجب يونٽن کي خودمختياري ڏني وڃي.
اڳتي هلي سانا (SANA) جي ايگزيڪيٽو ڪائونسل جي تجويز تي سانا ائڊوائيزري ڪميٽيءَ کي وڌايو ويو. سانا (SANA) جي صدر يورپ، مشرق بعيد ۽ وچ اوڀر ۾ آباد سنڌين کي خط لکيا ته هو سنڌ جي حقن لاءِ مهم هلائين. نتيجي طور يورپ جي مختلف حصن ۾ سنڌي گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون. يورپ جي سنڌين ’ائسوسيئيشن آف يونائيٽيڊ ڪنگڊم ائنڊ يورپ‘ (AKIE) جو بنياد وڌو. ڪجهه عرصي ۾ ئي سنڌين جي هڪ وڏي گروهه ’ايس. ٽي. ليوئس‘ آمريڪا ۾ هڪ هنگامي اجلاس گهرايو، جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌين تي ٿيندڙ حملن جي روڪٿام بابت صلاح مشورو ڪيو ويو. اُن گڏجاڻيءَ جي صدارت مٺل وقاصيءَ ڪئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ مان حفيظ پيرزادي ۽ ڊاڪٽر سليمان شيخ به شرڪت ڪئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ 2000/= ڊالرن جي خرچ سان ٻه ايمبولنسون خريد ڪري، ڪراچيءَ جي انهن علائقن ۾ موڪليون ويون، جتي ايڌي فائونڊيشن جي رسائي نه هئي. عسڪر قلباڻي 3600/= آمريڪي ڊالرن سان فري اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، اهي وظيفا سنڌ ۾ سگا (سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن) جي مدد سان هلندڙ روشن تارا اسڪولن جي شاگردن لاءِ مخصوص ڪيا ويا. 1989ع جو سال سانا جي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان تمام اهم ثابت ٿيو. هن سال نه صرف گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪندڙن جو تعداد وڌيو، پر سانا پاران شايع ٿيندڙ رسالو ’سنگت ورلڊ‘ سنڌ مان شايع ٿيڻ لڳو. 1989ع واري سانا گڏجاڻيءَ ۾ عورتن جي پڻ شموليت هئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ جي مشڪلاتن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ 2500/= آمر يڪي ڊالرن جو فنڊ گڏ ڪيو ويو. هيءَ تنظيم پنهنجي قيام کان وٺي سنڌي قوم کي هڪ پليٽفارم تي متحد ڪري، سندن سياسي، سماجي، تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي ۽ معاشي امنگن کي پوري ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندي آئي آهي ۽ اڄ به جاکوڙي پئي. اتر آمريڪا ۾ سانا جي هڪ شاخ ڪيناڊا ۾ به قائم آهي.
سانا جا هن وقت پنج زون (علائقا) مختلف ريجنل سيڪريٽرين جي اڳواڻيءَ ۾ سرگرم آهن، جن مان پهريان چار زونَ آمريڪا جي مختلف رياستن جا، جڏهن ته پنجون زون ڪئنيڊا آهي. تازو 2013ع کان 2015ع تائين چونڊيل ايگزيڪيوٽوِ باڊيءَ جا عهديدار هن ريت آهن:
جميل دائودي (صدر)، اعجاز ڪولاچي (نائب صدر)، نورالنساءِ گهانگهرو (جنرل سيڪريٽري)، خليل ميمڻ (جوائنٽ سيڪريٽري)، عاصم ڪاغذي (اطلاعات سيڪريٽري)، ارشاد قاضي (خزانچي).
سانا جي زون-1 جو ريجنل سيڪريٽري خالد چنا، زون-2 جو منصور سمون، زون-3 جو اعجاز ميمڻ، زون-4 جو صفدر پنهور ۽ زون-5 (ڪئناڊا) جو ريجنل سيڪريٽري اويس لغاري آهي.


لفظ ساناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو