ديورار

ديورار (Devarar): هندستان جي هرياڻه رياست جي ضلعي جند ۾ هڪ ڳوٺ ديورار آهي، جتي سنڌو تهذيب سان واسطو رکندڙ ٻه ماڳ آهن. هڪ ماڳ "53.4'05°29 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ "17.6'23°76 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ميهام جلونا ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر اتر ۾ آهي. مقامي طور هن ماڳ کي کيري (Kheri) سڏيندا آهن. ماڳ اٽڪل پنجن هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. دڙو 0.5 ميٽر اوچو آهي. هن وقت ماڳ پوکيءَ هيٺ آهي. جڏهن ماڳ جي کوٽائي ڪئي وئي ته هتان سوٿي- سسوال (Sothi-siswal) ڪلچر سان ڀيٽڻ جهڙيون وٿون مليون.
هندستان ۾ ’سوٿي سسوال‘ ڪلچر جو اهو ئي زمانو آهي، جيڪو ڪوٽڏيجي يا آمريءَ جي ماڳن جو آهي، جنهن کي اسان اوائلي سنڌو تهذيب جو دؤر (Early Indus Civilization) سڏيون ٿا. هتان ملندڙ ٿانون جو نمونو اهڙو ئي آهي، جهڙو اوائلي هڙپائي دؤر جي مختلف ماڳن تان ملي ٿو. ٿانون ۾ وڏا گُندڙا ۽ چَٽِيل ننڍا وڏا ٿانوَ ملن ٿا. اهڙا ٿانو، جن جي ڪنن تي لهريدار ليڪون نڪتل آهن. هتان ڪجهه ٺڪر جي چوڙن جا ٽڪرا به مليا آهن. اهڙا ٿانوَ به مليا آهن، جن تي پور وڇوٽ ٿلهيون ليڪون نڪتل آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو چٽ مقامي هجي. هڪ ڳاڙهي ٿانءَ تي ٿلهو ڪارو ليڪو نڪتل آهي جيڪو هڙپا جي اوج واري دؤر (Mature Indus Civilization) سان واسطو رکي ٿو. ٻيو ماڳ 26° 06' 14.3" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 76° 16' 24.5" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، ديورار ڳوٺ کان ڏيڍ ڪلوميٽر اولهه طرف ڪماس کيرا مائينر جي کاٻي ڪپ تي موجود آهي. ماڳ ٻن هيڪٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ سڄي ايراضي هن وقت پوکيءَ هيٺ آهي. هتان اوائلي ۽ بعد هڙپائي (Post-Harappan) دورن جا آثار ملن ٿا. 1981ع ڌاري هن ماڳ جي کوٽائي ڪئي وئي ته هتان گهڻي ڀاڱي ’بعد هڙپائي دؤر‘ جو ٺڪراٺو جهجهي تعداد ۾ مليو آهي. هڪ ٿانو به مليو آهي، جنهن جي ڪَني (Rim) ۽ ڳچيءَ (Neck) تي ڪارا پٽا ۽ ليڪون نڪتل آهن، جڏهن ته ٿانو جو جسم (Body) ڳاڙهو آهي. هڪ ٿانو جي ڪڇ تي لهريدار ڪاريون ليڪون ڏنل آهن. ان لاءِ چئي سگهجي ٿو ته، ديورار 2 هڙپائي اوج (Mature Harappan) واري دور سان واسطو رکندڙ آهي.


لفظ ديورارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو