ديولي

ديولي: ديولي، سنڌو درياهه جي مکيه وهڪري جي هڪ ڇاڙهه آهي، جنهن ۾ تمام گھڻو پاڻي هوندو هو. ان ڪري هن ڇاڙهه کي ديولي يا ست منهون سڏيندا هئا. ان کانسواءِ سنڌوءَ جا اهي ڦاٽ جيڪي لاڙي بند وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا، تن کي ’ديولي يا ديبل‘ جو درياهه سڏيو ويندو هو. هيملٽن چوي ٿو ته ديولي نالي ڦاٽ کي هاڻي ڳولي لهڻ ڪجهه ڏکيو ٿيندو. ان جي مٿان هڪ مسلمان بزرگ جو مقبرو آ هي. ان قبي کي پري کان ڏسڻ لاءِ چن سان اڇو رنگ ڏنو ويندو آهي.


لفظ ديوليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو