ديپڪ

ديپڪ

ديپڪ

ديپڪ (راڳڻي): پوربي ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي، جنهن جي آروهيءَ ۾ رکب ورج ۽ امروهيءَ ۾ نکاد ورج آهي. هڪ ٻئي اصول سان ڪلياڻ ٺاٺ ۾ نکاد ورج ڪري به ڳاتي ويندي آهي. ڪن گرنٿن ۾ هن کي ڀيرو ٺاٺ ۾ ڄاڻايو ويو آهي. انهيءَ مت ۾ مڌم ۽ نکاد ورج ڪندا آهن ۽ کرج کي وادي سُر ليکبو آهي. پر چتر پنڊت ’لڪش سنگيت‘ ۾ لکيو آهي ته ”اسان کي پهريون اصول وڻي ٿو. چون ٿا ته هاڻي ديپڪ راڳ آهي ڪو نه، جو هن جي ڳائڻ سان باهه لڳي ڀلا سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو ميگهه ڪٿي آهي، جنهن جي ڳائڻ سان برسات ٿي پوي.“
هن راڳڻيءَ جي خاص تان: ڌِا ڌِا پا مِي پِا- نِي سا- ڌِا نِي سا- مي پا ني سا- ر را سا- گي مي گي را سا- پا پا- مي گي – پا گي را را سا آهي.
هن راڳڻيءَ آروهي: سا گي مي پا ڌا ني س، امروهي: سَا ڌا پا- مي گي را سا، وادي سُر ’کرج‘ ۽ سموادي سُر ’پنچم‘ آهي. ديپڪ راڳڻيءَ جي ڳائڻ جو وقت ڏينهن جو ٽپهريءَ کان پوءِ آهي.


لفظ ديپڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو